وفاقي ڪابينا وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي اگھن تي نظرثاني جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي ٽيرف ريويو جي منظوري ڏني وئي آھي..
ذريعن موجب ڪابينا جي ڊي ڊبليو، چنيوٽ پاور، حمزا شوگرملز، المعيز پاور پلانٽ سان ٽيرف جي نئين سر جائزي جي منظوري ڏني آھي، جڏهن ته ٿل انڊسٽريز ۽ چنار انرجي سان به ٽيرف ريويو جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته ان فيصلي سان قومي ناڻي کي 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي.

پنھنجي راءِ لکو