يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي بعد وزيراعظم شھباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. گذريل ھڪ سال دوران اھڙن واقعن ۾ ملوث پاڪستانين جي رپورٽ بہ طلب ڪري ورتي آھي. وزيراعظم گذريل سال 2023ع ۾ ٻيڙي ٻڏڻ واري واقعي بعد ملوث پاڪستانين خلاف ڪارروائي تي سستي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھارڪيو آھي. وزيراعظم اھڙن خيالن جو اظھار يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو تہ انساني اسمگلنگ سڄي دنيا ۾ پاڪستان لاءِ بدنامي جو باعث بڻجي ٿي.ان کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. وزيراعظم آءِ بي ايم ايس نظام فوري لاڳو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تہ ھيستائين 174 ڪيس عدالتن ۾ پيش ڪيا ويا آھن. جن مان 4 ۾ سزائون آيون آھن. وزيراعظم انساني اسمگلنگ خلاف ھلايل عوامي آگاھي مھم جا تفصيل بہ طلب ڪري ورتا آھن. وزيراعظم ايف آءِ اي ۽ پرڏيھي وزارت کي ھدايت ڪئي آھي تہ گذريل ھڪ سال ۾ اھڙن واقعن جا تفصيل فراھم ڪيا وڃن،جن ۾ پاڪستاني ملوث ھئا. اجلاس ۾ دفاع واري وزير خواجا آصف، گھرو وزير محسن نقوي،احد چيما، عطااللہ تارڙ، طارق فاطمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.