يونان ۾ گذريل ڏينھن ٻيڙيون ٻڏڻ جي حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 40 ٿي ويو آھي. يوناني ڪوسٽ گارڊ سمنڊ ۾ ريسڪيو آپريشن ختم ڪري ڇڏيو آھي، ۽ چيو آھي تہ لاپتہ ماڻھن کي مئل تصور ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آھي تہ يونان ۾ 3 مختلف ٻيڙين ٻڏڻ جي حادثن ۾ 35 پاڪستانين جي مرڻ جا اطلاع آھن. جڏھن تہ مجموعي طور تي فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 40 ٿي ويو آھي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آھي تہ ليبيا ۾ ھن وقت بہ گھٽ ۾ گھٽ 5 ھزار پاڪستاني موجود آھن. يورپ وڃڻ جا خواھشمند اھي ماڻھو مختلف پاڪستاني ۽ ليبين ايجنٽن وٽ آھن. ذريعن جو چوڻ آھي تہ پاڪستاني قانوني طور تي ليبيا جو ويزا وٺي ويا آھن. ياد رھي تہ 3 ڏينھن اڳ ۾ يونان جي ٻيٽ ڪريٽ جي ڏکڻ ۾ ٻيڙيون ٻڏڻ جو واقعو پيش آيو ھو،جنھن ۾ 5 ماڻھو ٻڏي ويا ھئا، جنھن مان ھڪ جي پاڪستاني طور تصديق ٿي ھئي.ان کانپوءِ گذريل ڏينھن چئن پاڪستانين جي مرڻ جي تصديق ٿي ھئي، ۽ وڏي پئماني تي پاڪستاني لاپتہ ٿي ويا ھئا.، ٻيڙيون ٻڏڻ جي واقعي ۾ 47 پاڪستانين کي بہ بچايو ويو ھو.