پاڪستان پيپلزپارٽي جي آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبليءَ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش جو معاملو اٿاريو.
هن چيو، “يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪيا پيا وڃن، حڪومت فورن جواب ڏئي.”
وفاقي وزير براءِ خوراڪ تحفظ، راڻا تنوير حسين وضاحت ڪئي ته، “وفاقي ڪابينا ‘رائيٽ سائيزنگ پاليسي’ جي منظوري ڏني آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مستقل ملازمن کي ٻي مناسب هنڌ تي ايڊجسٽ ڪيو ويندو. ڪارپوريشن جي ملازمن سان ٿيل ڳالهين دوران معاملا طئي ٿي چڪا آهن.”
