ٽنڊي آدم ۾ ڪپھ ۾ ڪچرو ملائي”برگر ڪاٽن“ تيار ڪندڙ جننگ فيڪٽري تي ڇاپو ھڻندڙ ٽيم يرغمال، سخت مارڪٽ.

سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪپهه ۾ ملاوٽ جو حيرت انگيز واقعو سامهون آيو آهي، جتي ٽنڊي آدم جي هڪ جننگ فيڪٽري تي الزام آهي ته ھو اعليٰ درجي جي ڪپهه ۾ ڪپهه جو ڪچرو ملائي اهڙي جعلي پيداوار تيار ڪري رهي هئي، جنهن کي صنعتي حلقن ۾ ’’برگر ڪاٽن‘‘ سڏيو وڃي ٿو۔
ڊان اخبار ۾ شايع رپورٽ مطابق، پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن (پي سي جي اي) پاران غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ جوڙيل 4 رڪني مانيٽرنگ ٽيم تصديقي اطلاع ملڻ بعد فيڪٽري تي ڇاپو هنيو۔
پر ڪارروائي دوران صورتحال ان وقت سنگين ٿي وئي، جڏهن فيڪٽري مالڪ مبينا طور لڳ ڀڳ 100 هٿياربندن ذريعي ٽيم جي ميمبرن مٿان حملو ڪرايو ۽ کين ڪيترائي ئي ڪلاڪ يرغمال بڻائي رکيو۔
هن واقعي سڄي ملڪ جي جننگ انڊسٽري ۾ هلچل مچائي ڇڏي، جنهن جي ردعمل ۾ پي سي جي اي جي مانيٽرنگ ڪميٽي ۽ سنڌ جي جنرز جو هنگامي اجلاس ٽنڊو آدم ۾ طلب ڪيو ويو، جتي فيصلو ڪيو ويو ته ڏياري جي موڪلن کان پوءِ فيڪٽري انتظاميا خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائي ويندي۔
اطلاعن مطابق ڪجهه جنرز ٽيڪسٽائيل ملز جي نمائندن ۽ ليبارٽري عملي سان ملي ڀڳت ڪري سالن کان لنٽ جي ڳٺڙين ۾ ڪپهه جو ڪچرو شامل ڪري پيداوار جي معيار کي خراب ڪندا رهيا آهن۔ هن طرز عمل ملڪ جي ڪپهه جي معيار کي سخت نقصان پهچايو ۽ ڪيترين ٽيڪسٽائيل ملز مقامي خريد بدران مهانگي پرڏيهي درآمد کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن سبب صنعت مالي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي۔
ڪپهه جي سال 2025-26 جي شروعات کان اڳ پي سي جي اي فيصلو ڪيو هو ته شعبي ۾ موجود ’’ڪارين رڍن‘‘ بي نقاب ڪيون وينديون۔ ان مقصد لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ الڳ الڳ مانيٽرنگ ڪميٽيون ٺاهيون ويون، جن کي فيڪٽري جي معائني ۽ ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو۔
سنڌ جي مانيٽرنگ ڪميٽي، جيڪا نامور جنر رمیش لال جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي هئي، مئي کان ڪيترن ئي يونٽن جو معائنو ڪري چڪي هئي۔ ماضي ۾ ڪجهه فيڪٽريون ملاوٽ ۾ ملوث هيون ۽ کين خبردار ڪيو ويو هو، پر ويجھي عرصي ۾ ڪو نئون واقعو رپورٽ نه ٿيو هو۔ تازي اطلاع ملڻ تي حاجي لياقت علي لسڪاڻي، سيٺ گوپال داس، سيٺ ڪشور چند ۽ سيٺ جي دادا تي مشتمل چار رڪني ٽيم ٽنڊو آدم جي فيڪٽري تي اوچتو ڇاپو هنيو۔
جاچ ٽيم موجب ٽي جننگ يونٽ هڪ ئي اڱڻ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جتي مزدور لنٽ جي ڳٺڙين کي اهڙي نموني تيار ڪري رهيا هئا، جو ٻاهرئين پرت ۾ اعليٰ درجي جي ڪپهه رکيل هئي ۽ اندروني حصي ۾ ڪچرو ڀريو پئي ويو، جيئن ليبارٽري جا نمونا معيار صحيح ظاهر ڪن۔
جڏهن ڪميٽي جي ميمبرن فيڪٽري اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو۔ فيڪٽري مالڪ مبينا طور 100 کان وڌيڪ هٿياربند ماڻهو گهرايا، جن پي سي جي اي ٽيم کي هٿيارن جي زور تي مارڪٽ ڪئي ۽ ڪيترائي ڪلاڪ حراست ۾ رکيو۔ ذريعن مطابق ٽيم جڳهه تي ڪپهه جي ڪچري جا وڏا ڍير ڏٺا، جيڪي لنٽ ۾ ملايا پئي ويا۔
جننگ انڊسٽري جي نمائندي احسان الحق موجب، اهڙي طرح تيار ڪيل ملاوٽ ڪپهه، جنهن کي سنڌ ۾ ’’برگر ڪاٽن‘‘ چيو وڃي ٿو، مهانگي قيمتن تي وڪرو ڪئي پئي وڃي۔ هن چيو ته هن غير قانوني ڪاروبار ۾ فيڪٽري مالڪ، ٽيڪسٽائيل ملز جا خريداري ايجنٽ ۽ ليبارٽري عملو، سڀ شامل آهن، جن مان سڀئي ڌريون فائدو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته پاڪستاني ڪپهه جي ساک سخت متاثر ٿي رهي آهي۔
پي سي جي اي ٽيم تي حملي کان پوءِ مانيٽرنگ ڪميٽي ۽ سنڌ جي جنرز جو هنگامي اجلاس آچر شام ٽنڊو آدم ۾ ٿيو، جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺي قانوني ۽ تنظيمي قدم طئي ڪيا ويا۔
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي عهديدارن ۽ وڏين ٽيڪسٽائيل ڪمپنين کي فوري طور اطلاع ڏنو ويندو ته لاڳاپيل جننگ فيڪٽري ۾ ڪپهه جي ڪچري جي ملاوٽ ٿي رهي آهي۔ وڌيڪ اهو به طئي ڪيو ويو ته ڏاياري جي موڪلن کان پوءِ خميس تي جنرز جو هڪ ٻيو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ملوث فيڪٽري خلاف سخت ڪارروائي ۽ اهڙين فيڪٽرين تي پابندي لاءِ لائحه عمل طئي ڪيو ويندو۔
اجلاس ۾ هي تجويز به منظور ڪئي وئي ته ٽيڪسٽائيل مل مالڪ پنهنجن انهن چونڊيل ڪارندن ۽ ليبارٽري عملي کي برطرف ڪري، جيڪي فيڪٽري مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري اعليٰ درجي جي ڪپهه ۾ ڪچرو شامل ڪن ٿا۔ شريڪن زور ڏنو ته معياري ڪپهه جي مقامي پيداوار سان ملڪ جي برآمدات ۾ نمايان واڌ ممڪن آهي۔
ايسوسيئيشن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها فوري طور پنهنجي جاچ ٽيم کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ملڪ گير سطح تي ڪپهه جي ملاوٽ خلاف ڪارروائي ڪري، جيئن اڳ ئي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پاڪستان جي ڪپهه جي صنعت کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو