لاهور (ويب ڊيسڪ) – قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو اهم مقابلو جاري آهي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اننگز کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني بالر جارحاڻي بالنگ سان دٻاءُ وجهي رهيا آهن.
محمد رضوان اڳ ۾ بيان ڏنو هو ته لاهور ۾ کيڏڻ سان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ بهتر تياري جو موقعو ملندو. مداحن جوش سان ميچ ڏسي رهيا آهن، ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي.