ٽي ايل پي جا فرار اڳواڻ ڪٿي لڪل آھن، پنجاب پوليس کي خبر پئجي وئي، ملتان ڊويزن ۾ 10 مدرسا سيل

پنجاب جي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته کين تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد رضوي ۽ سندس ڀاءُ انس رضوي لڪڻ واري ٺڪاڻي جي خبر پئجي وئي آھي۔ عملدارن مطابق ٻئي مفرور اڳواڻ مريدڪي ۾ ٿيل ڪريڪ ڊائون کان پوءِ آزاد ڪشمير فرار ٿي ويا ھئا۔
ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ھڪ سينيئر عملدار ٻڌايو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اھا ڄاڻ آزاد ڪشمير جي انتظاميا سان ونڊي ڇڏي آهي ۽ ٽي ايل پي اڳواڻن جي گرفتاري ۾ سهڪار گهريو ويو آهي۔ ھي اڳڀرائي ان وقت سامھون آئي آهي جڏهن ٽي ايل پي جي حلقن ۾ اندازا لڳايا پئي ويا ته سندن سربراهه اڳ ئي حراست ۾ آهي۔
عملدار موجب ڪريڪ ڊائون کان پوءِ پنجاب پوليس ۽ ٻين ادارن جي سينيئر آفيسرن تي ٻڌل ڪيتريون ئي ٽيمون سعد رضوي ۽ سندس ڀاءُ جو سراغ لڳائڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون هيون۔
ھن ٻڌايو ته سعد رضوي ۽ سندس ڀاءُ کي پهريون ڀيرو مريدڪي ۾ احتجاجي ڪيمپ مان پيادل نڪرندي ۽ پوءِ موٽر سائيڪل تي فرار ٿيندي ڏٺو ويو ھو، اُن وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ھڪ هنگامي پيغام جاري ڪيو ويو ته ھڪ موٽر سائيڪل سوار سان گڏ ٽي ايل پي جو سربراهه ۽ سندس ڀاءُ گهٽين ڏانهن وڃي رهيا آهن۔
بهرحال ٽئي مشڪوڪ ماڻهو عملدارن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سندن زخمي ٿيڻ بابت مختلف قسم جا افواهون ڦهلجي ويا۔
سينيئر آفيسر ٻڌايو ته خاص ٽيمون آخرڪار ٽي ايل پي اڳواڻن جي آخري لوڪيشن آزاد ڪشمير ۾ ٽريس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، جنهن کان پوءِ سندن گرفتاري لاءِ علائقائي حڪومت کان مدد طلب ڪئي وئي۔
ھي به ياد رهي ته پنجاب حڪومت باضابطا طور تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمري وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي وئي آهي۔
ٻئي پاسي، وفاقي جاچ ايجنسـي (ايف آءِ اي) به سعد رضوي جي نالي سان هلندڙ لڳ ڀڳ 95 بينڪ اڪائونٽن جو سراغ لڳايو آهي۔ عملدارن موجب، انهن مان 15 اڪائونٽس وياج وارا هئا، ۽ ايف آءِ اي انهن بينڪن کان وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن انهن اڪائونٽن جي لين دين جو جائزو وٺي سگهجي۔
ٽي ايل پي جي 61 مدرسن جي نشاندهي
انتھا پسند تنظيم خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جي حصي طور پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ ٽي ايل پي جي انتظام هيٺ 61 مدرسن جي نشاندهي به ڪري ڇڏي آهي۔ انهن مدرسن جي مستقبل بابت معاملو اهلِ سنت عالمن ۽ صوبائي عملدارن جي گڏجاڻي ۾ به بحث ھيٺ آيو، جتي ان بابت تجويزون پيش ڪيون ويون۔
گڏجاڻي ۾ ٻن تجويزن تي غور ڪيو ويو:
• پهرين تجويز اها هئي ته انهن مدرسن کي اوقاف کاتي جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڏئي ڇڏجي۔ پر گهڻن ميمبرن ان تجويز جي مخالفت ڪئي، ڇو ته سندن خيال ۾ اهڙي قدم سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي ۽ مستقبل ۾ خاص طور مالي خرچن جي وڏي مقدار سبب تڪرار پيدا ٿي سگهن ٿا۔
• ٻي تجويز اها هئي ته انهن مدرسن کي معتدل اهل سنت علما حوالي ڪيو وڃي، جنهن کي عملي قرار ڏنو ويو۔ عملدارن موجب، اهڙي صورت ۾ علما اهي مدرسا عسڪريت پسندي کان خالي هلائيندا۔ پر مدرسن جي مستقبل بابت حتمي فيصلو اڃا نه ٿيو آهي۔
ٻئي طرف ملتان جي ضلعي انتظاميا، پنجاب حڪومت جي حڪمن مطابق ٽي ايل پي جا 10 مدرسا سيل ڪري ڇڏيا ۽ ڪيترائي اوقاف کاتي حوالي ڪيا ويا۔ اهي مدرسا ملتان، شجاع آباد ۽ بستي ملوڪ ۾ قائم هئا۔

پنھنجي راءِ لکو