پاڪستان جون 2025ع تائين پانڊا بانڊز جاري ڪندو:ناڻي واري وفاقي وزيرمحمد اورنگزيب

پاڪستان جون 2025ع تائين پانڊا بانڊز جاري ڪندو، پانڊا بانڊز ذريعي چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا،بانڊز ذريعي پاڪستان چيني سيڙپڪارن وٽان 200 ملين آمريڪي ڊالرز گڏ ڪندو، حڪومت جو ڌيان معيشت کي برآمدات تي ٻڌل ترقي ڏانهن منتقل ڪرڻ تي کتل آهي:ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو پرڏيهي ٽي وي کي انٽرويو، سندس چوڻ آهي ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو وڌيڪ چيني ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪندو، هانگ ڪانگ سان مالياتي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ پـُرعزم آهيون، هانگ ڪانگ کي پاڪستان ۾ واپاري ۽ مالياتي موقعن جو جائزو وٺڻ لاءِ وفد موڪلڻ جي دعوت ڏيان ٿو

پنھنجي راءِ لکو