پاڪستان جو پھريون گرين ڪوڊ منظور، نين عمارتن جي تعمير لاءِ ڪھڙا شرط رکيا ويا، تفصيل سامھون اچي ويا

وفاقي ڪابينا پاڪستان جو پهريون گرين بلڊنگ ڪوڊ منظور ڪري ڇڏيوآھي، جن ۾ شمسي ڊيزائن ۽ گرين ڇتين کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اهو ڪوڊ انهن نين عمارتن تي لاڳو ٿيندو جيڪي چار يا وڌيڪ منزلن تي مشتمل هونديون.
وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خالد حسين مگسي ٻڌايو ته وزيراعظم جو ماحولياتي تحفظ ۽ توانائي جي بچت وارو ويزن هاڻ عملي صورت اختيار ڪري رهيو آهي، گرين بلڊنگ ڪوڊ وزيراعظم جي پائيدار ترقي جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت موجب، گرين بلڊنگ ڪوڊ چار يا وڌيڪ منزلن تي مشتمل نئين عمارتن تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته برسات جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ نوان تعميراتي ضابطا به لاڳو ڪيا ويا آهن.
توانائي جي بچت، شمسي ڊيزائن ۽ گرين ڇتين کي هاڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ماحولياتي تحفظ لاءِ عمارتن ۾ تجديد ٿيندڙ توانائي (Renewable Energy) جي شموليت کي به يقيني بڻايو ويندو.
واضح رهي ته 27 جولاءِ تي وفاقي حڪومت موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عمارتن کي محفوظ بڻائڻ جي نيت سان نئون منصوبو تيار ڪيو هو، ڪابينا جي قانون سازي بابت ڪميٽي موسمي تبديلي جي اثرن کان بچاءُ لاءِ گرين بلڊنگ ۽ رين واٽر هارويesting ڪوڊز منظور ڪيا هئا.
اهي گرين بلڊنگ ۽ رين واٽر هارويesting ڪوڊز پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل تيار ڪيا هئا، جيڪي چار يا وڌيڪ منزلن وارين عمارتن لاءِ قومي معيار مقرر ڪندا. ان ڪوڊ ۾ توانائي ۽ پاڻي جي بچت، ۽ مقامي حياتياتي تنوع (biodiversity) جي تحفظ کي به شامل ڪيو ويو آهي.
اهي ٻئي ڪوڊ اقوام متحده جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن سان هم آهنگ آهن، ۽ رين واٽر هارويesting ڪوڊز رهائشي، تجارتي ۽ صنعتي عمارتن تي لاڳو ٿيندا.

پنھنجي راءِ لکو