ڪلائميٽ فنانسنگ بابت آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل ٽيم ۽ پاڪستاني عملدارن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جنھن ۾ آءِ ايم ايف کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسئلن ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل وفد کي آفتن جي خطري واري حڪمت عملي، هوا ۽ پاڻي جي گدلاڻ جي روڪٿام بابت آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته سرڪاري عمارتن جي تعمير ۾ گرين بلڊنگ ڊزائين لاڳو ڪرڻ جي به يقين ڏياريو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ڏهن وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، ۽ وڌيڪ نقصان جو امڪان آهي، جنهن لاءِ 2030 تائين وڏي پئماني تي سيڙپڪاري گهربل آهي. آءِ ايم ايف کي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ قدرتي آفتن سان مقابلي لاءِ رابطن بابت به آگاهه ڪيو ويو.
عملدارن آءِ ايم ايف کي نوَن منصوبن ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ فنڊز رکڻ جي يقين ڏياريو، جڏهن ته گرين بجٽنگ جي ٽيگنگ، ٽريڪنگ ۽ مانيٽرنگ جي مختلف پاسن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وفد ڳالهين کان پوءِ موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل قدمن تي رپورٽ ترتيب ڏيندو.
