اسلام آباد(رپورٽ ـ قربان بلوچ) ھڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت اتحادي جماعت ن ليگ سان ناراضگي جو اظھار ڪري ڳالھين لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ٿو ته ٻئي طرف پ پ جا ايم اين ايز ڪابينا ۾ شموليت لاءِ صدريون سبائي ڇڏيون آھن..ذريعن جي دعوي آھي ته تمام جلد وزير اعظم شھباز شريف جي ڪابينا جي ڪجھ وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي سان گڏ ن ليگ سان واسطو رکندڙ 5 وزير شامل ٿيڻ جو امڪان آھي،انکانسواءِ پ پ پاران وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جا چوٻول آھن.ذريعن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ھڪ اھم اين اين اي مير منور ٽالپر کي جيڪو صدر پاڪستان جو رشتيدار پڻ آھي کي ھڪ اجلاس ۾ اھو چوندي ٻڌو آھي ته ھو پاڻي وسيلن جو وفاقي وزير ٿي رھيو آھي،وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ پ پ اڳواڻن جي نالن جي سمري منظوري لاءِ ايوان صدر وڃي چڪي آھي.ذريعن مطابق شھباز شريف جي ڪابينا ۾ پ پ جي پھرين جوڙ جا اڳواڻ شامل نه ٿيندا پر ٻئي جوڙ جي اڳواڻن کي شامل ڪيو ويندو ته جيئن نه فقط پارٽي جو ڪاروهنوار ھلي ،پر ڪارڪنن کي به ڪٿي حصو پتي ڏئي راضي ڪجي..ذريعن مطابق شھباز شريف جي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ ۾ مير منور ٽالپر سان گڏ ،قادر پٽيل،آغا رفيع الله جا نالا خاص طور گردش ڪري رھيا آھن .