پاڪستان ۽ افغانستان وچ جنگ بند ڪرائڻ مون لاءِ کاٻي ھٿ جو کيل آھي، صدر ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي جنگ ختم ڪرڻ مون لاءِ گھڻو آسان ڪم آهي.
اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو:
“کيس جنگيون روڪرائڻ پسند آهي. مان پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي تڪرار کان واقف آهيان، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن جنگ کي روڪڻ منهنجي لاءِ تمام آسان آهي.”
ڳالھين دوران صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ–ڀارت جنگبندي جو حوالو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف مون کي چيو ته “توهان پاڪ–ڀارت جنگ ختم ڪري لکين زندگيون بچايون.”
پاڪستان–افغانستان ۾ عارضي سیز فائر
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغان طالبان رجيم جي وچ ۾ شروعاتي طور 48 ڪلاڪ جي جنگبندي تي اتفاق ٿيو هو، پر اڄ ان جنگبندي ۾ وڌيڪ توسيع تي به اتفاق ٿي ويو آهي.
برطانوي خبر ايجنسي موجب، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوحا ۾ هلندڙ ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ تائين جنگبندي جاري رهندي.

پنھنجي راءِ لکو