پاڪستان ۾ 29 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو لڳي ويو، پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ آمھون سامھون

پاڪستان ۾ 29 سالن پوءِ ڪرڪيٽ جو بين الاقوامي ميلو لڳي ويو آھي، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون هڪ ٻئي جي سامهون آهن، ڪپتان رضوان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آھي.
نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٽاس کان پوءِ ڳالهائيندي، ڪپتان محمد رضوان چيو ته پاڪستان جي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ۽ حارث رؤف کي فهيم اشرف جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
محمد رضوان جو چوڻ هو ته اسان دفاعي چيمپيئن آهيون، ٿورو دٻاءُ هوندو، شام جو اوس پوڻ جو امڪان آهي، ان ڪري بالنگ جو فيصلو ڪيو، دفاعي چيمپيئن آهيون، بهتر راند پيش ڪنداسين، ٽرائي سيريز ۾ سٺي تياري ڪئي، غلطيون نه ورجائينداسين، نيوزيلينڊ کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر چيو ته ٽيم جي ڪميبينيشن مان مڪمل مطمئن آهيان، بهترين راند جو مظاهرو ڪنداسين.
پاڪستاني اسڪواڊ
چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ فخر زمان، بابر اعظم، محمد رضوان، سعود شڪيل، طيب طاهر، سلمان علي آغا، خوشدل شاهه، ابرار احمد، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رؤف تي مشتمل آهي.
ڪيوي اسڪواڊ
نيوزيلينڊ جو اسڪواڊ ول ينگ، ڊيون ڪونووي، ڪين وليمسن، ڊيئرل مچل، ٽام ليتٿام، گلين فلپس، مائيڪل بريسويل، مچل سينٽنر، نيٿم اسمٿ، ميٽ هينري ۽ ول اوروڪي تي مشتمل آهي.
ماضي جي مقابلي تي نظر
جيڪڏهن انگن اکرن تي نظر وجهون ته ٻئي ٽيمون 118 ميچن ۾ آمهون سامهون ٿيون آهن، جن مان پاڪستان جو وزن ڳرو رهيو آھي، قومي ٽيم 61 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته 53 ميچون نيوزيلينڊ جي نالي رهيون، هڪ ميچ ٽاءِ ٿيو ۽ 3 ميچن جو ڪو نتيجو نه نڪتو.

پنھنجي راءِ لکو