پاڪستان 8 وڪيٽن تان کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ٻئين ميچ کانپوءِ اڄ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ به پاڪستاني بالرن آسٽريلوي بيٽسمينن کي پريشاني ڏني ۽ پوري ٽيم اڄ مڪمل اوور به نه کيڏي سگهي.

پرٿ ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ۽ فيصلو ڪندڙ ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم 31.5 اوورن ۾ 140 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
اڄ به پاڪستاني فاسٽ بالرز ٽيم کي سٺي شروعات ڏني، نسيم شاهه 20 رنسن تي پهرين وڪيٽ ورتي ۽ شاهين آفريدي 36 رنسن تي ٻي وڪيٽ ورتي.

آسٽريليا جي ٽئين وڪيٽ 10.5 اوورن ۾ 56 رنسن تي ڪري پئي، ڪپتان جوش انگلز 7 رنسون ٺاهي نسيم شاهه کي آئوٽ ڪيو.

ان کان پوءِ 13.5 اوورن ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ ورتي.

آسٽريليا جي پنجين وڪيٽ 79 ۽ ڇهين وڪيٽ 88 رنسن تي ڪري پئي. مارڪس اسٽوئنز کي محمد حسنين ۽ گلين ميڪسويل کي حارث رئوف پويلين واپس موڪليو.
ميزبان ٽيم جي ستين وڪيٽ 26 هين اوور ۾ 118 رنسن تي ڪري پئي، ايڊم زمپا 13 رنسن تي نسيم شاهه جي هٿان آئوٽ ٿي ويو.

پاڪستان خلاف آسٽريليا جون اٺين ۽ نائين وڪيٽون 140 رنسن تي ڪري پيون. اهي ٻئي وڪيٽون شاهين آفريدي ورتيون جڏهن ته آسٽريلوي بيٽسمين ڪوپر ڪنولي ريٽائرڊ هرٽ سبب بيٽنگ نه ڪري سگهيو.

ميچ ۾ شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف 2 ۽ محمد حسنين هڪ وڪيٽ ورتي.
بالرز ۾ فاسٽ بالر محمد حسنين ۽ حارث رئوف سڀ کان گهٽ رنسون ڏنيون، ٻنهي بالرن 7، 7 اوور ڪرايا ۽ 24، 24 رنسون ڏنيون جڏهن ته نسيم شاهه 9 اوورن ۾ 54 ۽ شاهين آفريدي 8.5 اوورن ۾ 32 رنسون ڏنيون.

ان کان اڳ پرٿ ۾ ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته پچ مختلف نظر نه ٿي اچي، ان ڪري هو پهريان بالنگ ڪري رهيا آهن، گذريل ميچ وانگر هن ميچ ۾ به سٺي کيڏڻ جي ڪوشش ڪندا.
محمد رضوان چيو ته پاڪستاني ٽيم ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي، حارث رئوف هتي ليگ کيڏي رهيو آهي، هو حالتن سان مطابقت رکي ٿو.

ان موقعي تي آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلز چيو ته ٽيم ۾ 5 تبديليون ڪيون ويون آهن. اسڪواڊ ۾ لانس مورس، ڪوپر ڪنولي، مارڪس اسٽوئن، شان ايبٽ ۽ اسپينسر جانسن شامل آهن.
ڪپتان محمد رضوان، عبدالله شفيق، سعيد ايوب، بابر اعظم، ڪامران غلام، سلمان آغا، عرفان خان، شاهين آفريدي، نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ محمد حسنين ٽيم جو حصو هئا.

پنھنجي راءِ لکو