پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ معاملا حل ، وفد جي وزيراعظم سان ملاقات، پنجاب حڪومت بابت شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي حڪومت پنجاب بابت شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي۔چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي۔
وفد غزه امن معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو۔
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي جماعت آهي، جنهن سان لاڳاپن کي احترام ۽ قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا۔
ذريعن موجب ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري حڪومت پنجاب بابت شڪايتون وزيراعظم جي آڏو رکيون ۔
ذريعن مطابق وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري کي پ پ جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل معاملن کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو۔
ان کان اڳ پرڏيهي وزارت ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس ٿيو۔
اجلاس جي صدارت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪئي۔ پ پ جي وفد ۾ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ نديم افضل چن شامل هئا، جڏهن ته ن ليگ جي وفد ۾ ملڪ احمد خان، احد چيما ۽ رانا ثناءُالله شامل هئا۔
ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ تعاون جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو۔
ياد رھي تہ ھن ملاقات کان ھڪ ڏينھن آرمي چيف جنرل عاصم منير صدر آسصف زرداري سان ملاقات ڪئي ھئي، جنھن بعد وزيراعظم شھباز شريف ايوان صدر پھتو ۽ ٻنھي اڳواڻن جي يوچ ۾ ملاقات ٿي، چوويھ ڪلاڪن بعد اھا اھم سياسي اڳڀرائي ٿي آھي. واضح رھي تہ مريم نواز جي تقرير بعد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي وچ ۾ اختلاف وڌي وياھئا، جنھن بعد گھرو وزير محسن نقوي کي صدر آصف زرداري ڪراچي طلب ڪري معاملي کي نيبرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ھو ۽ ھڪ ڏينھن بعد نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اسپيڪر اياز صادق ۽ محسن نقوي خاص جھاز ذريعي رات جو دير سان نواب شاھ پھتا، جنھن بعد ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ سيز فائر ٿي ويو ھو.

پنھنجي راءِ لکو