قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالھائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوھر چيو آھي تہ رستن تي احتجاج ڪرڻ عوام جو حق آھي.اسان جي ڪارڪنن سان زيادتي ڪئي وئي، انھن مٿان سڌيون گوليون ھلايون ويون. دنيا ۾ ڪٿي بہ پرامن مظاھرين تي گوليون نہ ھلايون وينديون آھن.ھن دعوا ڪئي تہ اسان جي ڪارڪنن مان ڪنھن وٽ بہ ڪو ھٿيار نہ ھو.جيڪڏھن فائرنگ ٿي آھي تہ ان جي ذميواري بہ لاڳو ٿيڻ گھرجي. بيريسٽر گوھر جو چوڻ ھو تہ ملڪ ۾ اڳ ۾ بہ جاچ ڪميشن قائم ٿيون پر ڪجھ بہ نہ ٿيو.ھي ايوان اڄ تائين پنھنجي ميمبرن ۽ ان جي ٻارڙن جو تحفظ نہ ڪري سگھيو. ھو جو چوڻ ھو تہ اسان ڪميٽي ان ڪري جوڙي آھي تہ جيئن غلطين کي سڌاري سگھون، ان کي ڪمزوري نہ سمجھيو وڃي، ھاڻي 9 مئي واري جي ڌوڙ ويھاريو ۽ ان تي ڪميشن قائم ڪريو. ھن جو چوڻ ھو تہ ظلم پوءِ بہ ظلم آھي، وڌنڌو آھي تہ ميسارجي ويندو آھي. شام جي جيلن مان آزاد ٿيل ھڪ شخص ٻڌايو تہ ھو 39 سالن بعد ٻاھر آيو آھي، شام جو حڪمران ملڪ مان فرار ٿيندي بہ 2 ارب ڊالر ساڻ کڻي ويو. اسان کي ٻيھر رستن تي اچڻ تي مجبور نہ ڪيو، ھي ايوان اسان کي انصاف ڏئي.ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ميمبر شير افضل مروت جو چوڻ ھوتہ 26 نومبر تي اسان مٿان گوليون ھلايون ويون، پشتونن سان ناروا سلوڪ جاري آھي. ھن جو چوڻ ھو تہ علي امين گنڊاپورآخر تائين بشرا بي بي سان گڏ بيٺل رھيو. ماريو بہ اسان کي ويو، زخمي بہ اسان ٿياسين، ڪيس بہ اسان مٿان ٿي رھيا آھن.