اسلام آباد: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون جاري آهن، هر وقت حڪومت کي ٽف ٽائيم جو نه سوچڻ گهرجي، جي يو آءِ سربراهه پاران صحافين جي سوالن تي اهڙو جواب ڏنو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مسجدِ نبوي جو امام اسان جو به امام آهي، روايت برقرار رکندي سندس موجودگيءَ ۾ اندروني معاملن کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي، مهمانن جي موجودگي ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪندي، اسان سعودي عرب کي حق ڏيون ٿا ته اسلامي دُنيا جي قيادت ڪري