اسلام آباد ـ پاڪستان پيپلز پارٽي آئيني ترميم جو ڊرافٽ قوم آڏو پيش ڪري ڇڏيو .پارٽي پاران آئيني ترميم جي روشني ۾ پيش ڪيل ڊرافٽ مطابق ملڪ اندر وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي جنھن ۾ صوبن کي برابر نمائندگي ھوندي جن مان واري واري تي ٽن سالن جي مدي لاءِ چيف جسٽس ٿيندو.تجويز ڪيل ڊرافٽ آئين جي آرٽيڪل 184 ۽ 186 کي ختم ڪري اھي اختيار سپريم ڪورٽ مان وفاقي آئيني عدالت کي منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.تجويز ڪيل ڊرافٽ مطابق وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي کي ڪنھن به تي چيلينج ڪري نه سگھبو. پ پ جي پيش ڪيل ڊرافٽ ۾ صوبن اندر به ھڪ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي.ان کان اڳ خصوصي پارليماني ڪميٽي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ حڪومت مونکي وٿي ڏني آھي.ھن ٻڌايو ته پ پ آئيني ترميم جو ڊرافٽ پيش ڪري ڇڏيو آھي،حڪومت وٽ ٻه ڀاگي 3 ھئڻ باوجود اتفاق راءِ چاھڻ مثبت عمل آھي.