اسلام آباد ـ ڀارت جو پرڏيھي وزير ايس شنڪر اسلام آباد پھچي ويو.ڀارتي پرڏيھي وزير اڄ ايس سي او مھمانن سان گڏ وزير اعظم شھباز شريف جي ضيافت ۾ شرڪت ڪندو ،جڏھن ته سڀاڻي ايس سي او سمٽ ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندو جنھن ۾ دھشتگردي ،سيڪيورٽي ۽ ٻين مامرن تي ميمبر ملڪن ۾ غور ڪري مستقبل بابت فيصلا ڪيا ويندا.ڀارتي پرڏيھي وزير جي اسلام آباد ۾ موجودگي دوران ڀارت ۽ پاڪستان وچم ٻه طرفي ڳالھين جو امڪان نه آھي.