ڀارت خبردار رھي تہ نيوڪليئر ماحول ۾ ٻنھي ملڪن لاءِ جنگ جي ڪابہ گنجائش ناھي، آرمي چيف جي وارننگ

آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارتي فوجي قيادت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته نيوڪليئر ماحول ۾ ٻنهي ملڪن لاءِ جنگ جي ڪا به گنجائش ناهي.
پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پوري قوم پنهنجي فوج سان لوهي ديوار جيان بيٺل هئي. ان آپريشن سان فوج تي عوام جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو.
ڀارت کي وارننگ
فيلڊ مارشل چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي، پر ڀارتي جارحيت خلاف قوم اڳ کان وڌيڪ متحد ۽ هڪ زبان ٿي وئي. فوج قوم جي حمايت سان سرحدن جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو.
پاڪ فوج پيشوراڻي انداز ۾ ڀارت خلاف ڪارروايون ڪيون ـ رافيل جهاز ڪيرايا ويا، دشمن جا ڪيترائي بيسز سميت ايس-400 سسٽم تباهه ڪيا ويا. پاڪستان ملٽي ڊومين وارفيئر ۾ پنهنجيون صلاحيتون ڏيکاريون. الله جي فضل ۽ قومي اتحاد سان دشمن کي فولادي ديوار وانگر منهن ڏنو ويو.
شهيدن ۽ عوام کي خراجِ تحسين
آرمي چيف چيو:“قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته وطن جو هڪ انچ به دشمن جي حوالي نه ڪنداسين. فوجي، سيئلر، هوائي فوجي، مرد، عورت، ٻار، بزرگ ـ جن ڏکين حالتن ۾ جانين جا نذرانا ڏنا، انهن سڀني کي خراجِ تحسين پيش ڪيان ٿو. شهيدن جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.”
فوج ۽ عوام جو تعلق
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوج آهي. دشمن عوام ۽ فوج جي وچ ۾ ڏار وجھڻ چاهي ٿو، پر شهيدن جي قربانين جي نتيجي اسان آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهيون.
دفاعي پاليسي ۽ سخت جواب
آرمي چيف چيو ته پاڪستان جو دفاعي نظريو credible deterrence ۽ دائمي تياري تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سڀ صلاحيتون شامل آهن. پاڪستان روايتي ميدان ۾ به دشمن کي جواب ڏئي چڪو آهي. جيڪڏهن ٻيهر جارحيت ڪئي وئي ته جواب دشمن جي توقع کان به وڌيڪ سخت هوندو. پاڪستان جا هٿيار دشمن جي جاگرافيائي وسيعت جو غلط تصور ختم ڪري ڇڏيندا.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي فوجي ۽ اقتصادي طور اهڙو نقصان پهچايو ويندو جيڪو ان جي اميد کان به وڌيڪ هوندو. “ڀارتي فوجي قيادت کي خبردار ڪريان ٿو ته نيوڪليئر ماحول ۾ جنگ لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. ڀارت بنيادي مسئلا عالمي اصولن تحت برابري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي حل ڪري.”
عالمي تبديليون ۽ پاڪستان جو ڪردار
آرمي چيف چيو ته دنيا سياسي مقصدن جي لاءِ تشدد جي استعمال جي نوَن طريقن ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ هڪ Regional Stabilizer طور ڪاميابي سان سامهون آيو آهي. عالمي طاقتـن خاص طور تي مسلم ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن.
پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ مسلسل ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي فوج اقوام متحده جي امن مشنز ۾ وڏي تعداد ۾ شامل آهي.
سعودي عرب، ايران ۽ ٻين سان لاڳاپا
فيلڊ مارشل چيو ته سعودي عرب سان تازو ٿيل دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. اهو معاهدو وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم قدم آهي. حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ فوجي سهڪار ڏيڻ پاڪ فوج ۽ عوام لاءِ هڪ اعزاز آهي.
هن چيو ته پاڪستان ايران سان به پرامن ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻين سڀني اسلامي ملڪن سان لاڳاپا تيزيءَ سان بھتر ٿي رهيا آهن.
چين، آمريڪا ۽ عالمي تعلقات
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان کي چين سان تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي فخر آهي. آمريڪا سان مضبوط ٿيندڙ لاڳاپا به ھمٿائيندڙ آهن. تڪراري علائقن ۾ امن لاءِ صدر ٽرمپ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان عالمي ۽ علائقائي اڳواڻن سان امن ۽ ترقي لاءِ لاڳاپا وڌيڪ وڌائيندو.
ڪشمير ۽ غزه بابت موقف
آرمي چيف چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جو موقف غير چٽو ۽ ناقابل تبديل آهي. “ڪشميري عوام ڪيتري عرصي تائين ظلم ۽ جبر جو شڪار رهندو ۽ حقِ خود اراديت کان محروم رهندو؟” پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
غزه ۾ امن لاءِ پاڪستان وڏي ڪوشش ڪئي آهي. پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري رهيو آهي ۽ فوج هر وقت دفاع لاءِ تيار آهي.
ڀارت جي پاليسي ۽ افغانستان
فيلڊ مارشل چيو ته ڀارت، پاڪستان خلاف جارحيت ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، هاڻي رياستي سرپرستي هيٺ دهشتگردي کي پاليسي بڻائي ڇڏيو آهي. دشمن “فتنه الهنـد” ۽ “فتنه الخوارج” کي ڀاڙي جي قاتل طور استعمال ڪري رهيو آهي.
افغان عوام کي اپيل آهي ته دائمي تشدد بدران گڏيل سلامتي جي چونڊ ڪن. طالبان حڪومت کي گهرجي ته افغان سرزمين تي موجود پراڪسيز کي روڪين، جيڪي پاڪستان اندر وحشي حملن لاءِ استعمال ٿين ٿيون.
چوڪس فوج ۽ اوچو جھنڊو
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته دشمن ڪنهن وهم ۾ نه رهي. پاڪ فوج هر محاذ تي چوڪس آهي. پاڪستان جو جھنڊو هميشه بلند رهندو.
پريڊ ۽ اعزاز
پهرين 152هين لانگ ڪورس، 37هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس، 71هين انٽيگريٽيڊ ڪورس ۽ 26هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. 40 دوست ملڪن جا ڪيڊٽس به شامل هئا، جن ۾ عراق، مالديپ، مالي، نيپال، فلسطين، سري لنڪا، يمن، نائيجيريا، قطر ۽ بنگلاديش جا جوان شامل هئا.
فيـلڊ مارشل عاصم منير جي آمد تي شرڪت ڪندڙن اٿي بيھي ڀرپور استقبال ڪيو. هن پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽن کي اعزازي شمشير ۽ شيلڊ سان نوازيو.

پنھنجي راءِ لکو