اسلام آباد ـ جسٽس يحيا آفريدي چيف آف پاڪستان طور حلف کڻڻ بعد ذميواريون سنڀالي ورتيون آھن.حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جتي صدر پاڪستان آصف زرداري جسٽس يحيا آفريدي کي چيف جسٽس پاڪستان جي عھدي جو حلف کڻايو جنھن بعد جسٽس آفريدي چيف جسٽس آف پاڪستان جو چيمبر سنڀالي ورتو..حلف برداري واري تقريب ۾ وزير اعظم شھباز شريف ،صوبائي وڏن وزيرن،گورنرن ،اعلي عدالت جي ججن ۽ ڪامورن شرڪت ڪئي آھي