چيمپيئنز ٽرافي جي پهريئن ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستاني ٽيم کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي .

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 321 رنسن جو حدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 260 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان ٽيم جي طرفان اننگز جي شروعات بابر اعظم ۽ سعود شڪيل ڪئي. سعود شڪيل 19 بالن تي 6 رنسون ٺاهي 8 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو.
پاڪستان جي ٻي وڪيٽ ڪپتان محمد رضوان جي صورت ۾ ڪري، جيڪو 14 بالن تي 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ٽين وڪيٽ تي بابر اعظم ۽ فخر زمان ڪجهه مزاحمت ڏيکاري، پر انجري سبب پريشان فخر 24 رنسون ٺاهي بريسويل جي بال تي 69 تي بولڊ ٿي ويو.
چوٿين وڪيٽ تي سلمان علي آغا ۽ بابر اعظم گڏجي ٽيم کي 127 رنسن تائين پهچايو، پر سلمان ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. هن 28 بالن تي 42 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ کي پنجين وڪيٽ به جلد ملي وئي، 128 جي مجموعي طور تي طيب طاهر رڳو 1 رن ٺاهي پويلين هليو ويو.
ڪييوي بالرن جي سامهون بابر اعظم 64 رنسن تائين مزاحمت ڏيکاري، پر سينٽنر جي بال تي وڏو شاٽ هڻڻ جي ڪوشش ۾ 153 جي مجموعي رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
ستين وڪيٽ تي شاهين آفريدي ۽ خوشدل شاهه وچ ۾ 47 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، پر شاهين 200 جي مجموعي رنسن تي 14 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
خوشدل شاهه هڪ طرف پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ جاري رکي، پر هو 49 بالن تي 69 رنسون ٺاهي 229 جي مجموعي رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
آخري ٻن وڪيٽن تي پاڪستان 31 رنسون شامل ڪيون، حارث رؤف 19 ۽ نسيم شاهه 13 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته قومي ٽيم 48هين اوور ۾ 260 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
نيوزيلينڊ جي طرفان ول او رورڪي ۽ مچل سينٽنر 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ميٽ هينري 2، جڏهن ته مائیڪل بريسويل ۽ نيٿن اسمٿ 1-1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ، ول ينگ ۽ ٽام لٿم جي شاندار سينچرين جي مدد سان مقرر 50 اوورن ۾ 320 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي شروعات ٿي وئي آھي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ خلاف پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪراچي جي نيشنل بينڪ ڪرڪيٽ ايرينا ۾ ميگا ايونٽ جو پهريون اوور شاهين شاهه آفريدي ڪرايو، جڏهن ته ٻئي پاسي کان نسيم شاهه ٻيو اوور ڪيو.
پاڪستان جي خلاف نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 39 رنسن تي ڪري، جڏهن ڊيون ڪونوئي 10 رنسون ٺاهي ابرار احمد جي بال تي بولڊ ٿي ويو.
هڪ رن کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٻي وڪيٽ 40 رنسن تي ڪري، هن ڀيري تجربيڪار ڪين وليمسن 1 رن ٺاهي نسيم شاهه هٿان آئوٽ ٿي ويو.
ان کانپوءِ فاسٽ بالر حارث رؤف 17هين اوور ۾ نيوزيلينڊ جي ٽين وڪيٽ 73 رنسن تي حاصل ڪئي، جڏهن هن 10 رنسن تي ڊيرل مچل کي ڪيچ ڪرائي آئوٽ ڪيو.
ان دوران اوپنر ول ينگ هڪ طرف شاندار بيٽنگ جاري رکي ۽ هو 113 بالن تي 107 رنسون ٺاهي 191 جي مجموعي رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
پنجين وڪيٽ تي ٽام لٿم ۽ گلين فلپس وچ ۾ تيز پارٽنرشپ ٺهي، جنهن دوران لٿم سينچري ۽ فلپس پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي.
ٽام لٿم ۽ گلين فلپس پنجين وڪيٽ تي 75 بالن تي 124 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. گلين فلپس 39 بالن تي 61 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته نيوزيلينڊ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 320 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي طرفان نسيم شاهه ۽ حارث رؤف 2-2، جڏهن ته ابرار احمد 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو