چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ھندستان پاران پاڪستان اچڻ کان انڪار، متبادل آپشنز تي غور جو فيصلو.

چيمپيئنز لاءِ ھندستاني ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد وفاقي حڪومت ملڪ جي سمورن استيڪ ھولڊرن سان وسيع مشاورت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. ذريعن ايثار ٽائمز کي ٻڌايو آھي تہ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سرپرست اعلي وزيراعظم شھباز جي وطن واپسي تي اھم اجلاس طلب ڪيو ويندو، جنھن ۾ بين الصوبائي وزارت ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سميت اھم ادارن جا سربراھ شريڪ ٿيندا. ان اجلاس ۾ پرڏيھي ۽ گھرو وزارت کان بہ راءِ ورتي ويندي. ذريعن ٻڌايو آھي تہ انھي اھم ترين اجلاس ۾ سيڪيورٽي ادارن جا سربراھ بہ شريڪ ٿيندا. سمورين ڌرين سان مشاورت بعد سرڪاري سطح تي فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پي سي بي ان اجلاس ۾ سموريون متبادل تجويزون پيش ڪندو، جنهن ۾ آءِ سي سي کي ڀارت جي خط ۽ پاڪستان جي امڪاني جواب جو به جائزو ورتو ويندو. ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ جي صورت ۾ متبادل ٽيم کي دعوت ڏيڻ سميت سڀني موجود آپشنز تي غور ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو