چين آمريڪا لاڳاپا، پاڪستان لاءِ ٻہ گدرا مُٺ ۾ کڻڻ ڪيترو آسان آھي؟

محمد عامر رانا

بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (بي آر آءِ) جي شروعات کانپوءِ، پاڪ-چين لاڳاپن ۾ جاگرافيائي اقتصادي فريم ورڪ جي حوالي سان واڌارو آيو.
بهرحال، وقت سان گڏ سيڪيورٽي خدشا ان منصوبي جي معاشي رخ تي غالب اچي ويا، جنهن ڪري ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا. ٻئي طرف پاڪ-آمريڪا لاڳاپا، جيڪي هميشه اسٽرٽيجڪ ۽ سيڪيورٽي بنيادن جو محور رهيا آهن، اڄ پاڪستان ۽ آمريڪا کي پنهنجي لاڳاپن ۾ جاگرافيائي معاشي ترجيحن ۽ سيڪيورٽي مفادن کي گڏ رکڻ ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي.
پر، اصل امتحان ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو آهي ته ڇا اها جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن کي ترجيح ڏيندي، يا ٻنهي عالمي طاقتن سان سيڪيورٽي تي ٻڌل اسٽرٽيجڪ لاڳاپا برقرار رکندي. هر صورت ۾، ڪنهن به چونڊ سان ڪجهه شرط لاڳو ٿيندا.
ظاهري طور تي، چين جي سڀ کان وڏي پريشاني سلامتي جو مسئلو آهي. جڏهن ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مالي مفادن حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سياسي اهميت کي وڌائڻ جي موقعي طور ڏسي ٿو، خاص طور تي ڏکڻ ۽ اولهه ايشيا جي سياسي تبديلي جي پسمنظر ۾.
شڪ ناهي ته پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت ان جو وڏو اسٽرٽيجڪ اثاثو آهي، ۽ پاڪستان اها خواهش رکي ٿو ته هو فوجي طاقت، حڪمت عملي، ۽ سياسي اثر جي لحاظ کان ڀارت سان مقابلي ۾ نه سهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ مستحڪم حيثيت رکي.
هن سلسلي ۾ ٻه نقطه نظر آهن:
1. پهريون نقطه نظر چوي ٿو ته چين ۽ آمريڪا ٻنهي سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ سان پاڪستان کي پنهنجي اسٽرٽيجڪ هدفن ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
2. ٻيو نقطه نظر جيڪو ايترو مشهور ناهي پر وڌيڪ عملي آهي، چوي ٿو ته اندروني سياسي استحڪام ۽ معاشي واڌاري کانسواءِ اهڙن هدفن کي حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو.
پر ٻنهي ملڪن سان هڪ ئي وقت خصوصي لاڳاپا قائم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن ٻنهي جون پاڪستان کان مختلف اميدون آهن. اسلام آباد ۾ اڄڪلهه “دي سيڪيورٽائزيشن” جي ڳالهه ٿي رهي آهي، يعني ته پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي صرف سيڪيورٽي کان ٻاهر نئين رخ تي آڻڻ جي ڪوشش. پر سوال اهو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا، جن گذريل 75 سالن کان سيڪيورٽي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪيو، ڪيئن اوچتو پنهنجن لاڳاپن جي فطرت تبديل ڪندا؟ خاص ڪري جڏهن تعاون جا ٻيا شعبا محدود آهن.
حقيقت اها آهي ته پاڪستان پاران آمريڪا سان 19 سيڪڙو ٽيرف واري واپاري رعايت جو معاهدو هڪ سٺو قدم هو، جنهن سان پرڏيھي واپار وڌائڻ جو دروازو کليو. پر گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي واپاري لاڳاپن ۾ عدم توازن رهيو آهي: آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري خسارو وڌيڪ ، جنهن جي نتيجي ۾ ساليانو 2 کان 3 ارب ڊالر واپاري خسارو ٿئي ٿو.
گهٽ ٽيئرف جي معنيٰ آهي ته پاڪستان کي پنهنجي واپاري حڪمت عمليءَ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ گهرجي. ڪجهه مختصر مدي وارا قدم کنيا ويا آهن، جهڙوڪ ٽيڪسٽائل برآمدات تي بهتر ڊيلون، ۽ هڪ ارب ڊالر جو آمريڪي ڪچو تيل خريدڻ وارو منصوبو واضح آهي. ان سان گڏ، ڪرپٽو تعاون ۽ توانائي وسيلن جي ڳولھا بابت ڳالهيون به ٿي رهيون آهن، جيڪي مستقبل ۾ سياسي سرمايو پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ ٻنهي ڌرين جي اعتماد کي وڌائي سگهن ٿيون.
ان جي باوجود، ڪو به ملڪ سيڪيورٽي تعاون کان پاڻ کي مڪمل طور جدا نٿو ڪري سگهي – ان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ هجي يا علائقائي استحڪام. اسلام آباد جي پراڻي مطالبي تي واشنگٽن پاران بلوچستان لبريشن آرمي (مجيد بريگيڊ) کي غير ملڪي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو فيصلو، هن شعبي ۾ غيرمعمولي هم آهنگي جو عڪاس آهي.
جيڪڏهن واشنگٽن سعودي عرب تي ابراهم معاهدي جي منظوري لاءِ دٻاءُ وجهي ٿو، ته اهو پاڪستان لاءِ هڪ ڏکيو امتحان هوندو. ان قسم جي قدم سان شرط لاڳو ٿيندا – جنهن مان سڀ کان اهم شرط ايران بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ تبديلي آهي.
ان پس منظر ۾، بلوچستان نه رڳو علاقائي جاگرافيائي سياست ۾ پنهنجي ڪردار، پر نادر زميني معدني وسيلن جي ڪري به وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ٿو.
پر جيڪڏهن آمريڪا واقعي پاڪستان سان سيڪيورٽي کان ٻاهر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ته سوال آهي:
اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو، جڏهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو ڌيان قدرتي طور سيڪيورٽي تي لڳل آهي؟
پاڪستان جون سول حڪومتون ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪري چڪيون آهن ته آمريڪا سان لاڳاپا سيڪيورٽي کان ٻاهر نئين بنيادن تي قائم ڪجن.
ان ڏس ۾، 2008 ۾ بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ قائم ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي ڪوشش يادگار آهي.
هنن سمجهيو ته هو آمريڪا سان لاڳاپن جي نوعيت تبديل ڪري سگهن ٿا – پر اهو قدم ناڪام ويو. ڪيري لوگر بل، جنهن بابت اميد هئي ته اهو سيڪيورٽي کان ٻاهر تعاون جو رستو کوليندو، ان بجاءِ تڪرار پيدا ڪيا، ۽ پاڪ-آمريڪا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا. نتيجي ۾ سول-ملٽري توازن به متاثر ٿيو.
ٻيو هڪ نقطو اهو آهي ته 2025 ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪا ڀارت کان پري ٿي رهيو آهي، پر اهو مختلف طريقن سان ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
جيتري قدر ڳالهه پاڪستان جي آهي ته هاڻ ان لاءِ اهو هڪ نادر موقعو آهي ته هو چين تي گهٽ انحصار ڪري، واڌاري شراڪتون قائم ڪري، ۽ پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ توازن پيدا ڪري.
پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان اڪثر اهڙا موقعا مختصر مدي وارين پاليسين، ڪمزور ادارن ۽ تبديل ٿيندڙ عالمي مفادن جي ڪري وڃايا آهن. اصل چئلينج صرف معاهدي تي صحيح ڪرڻ نه آهي، پر انهن تي صحيح طريقي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي.
جيڪڏهن اسلام آباد سنجيده سڌارا آڻي سگهي ۽ واشنگٽن پنهنجن وعدن تي قائم رهي، ته ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو هڪ ڊگهي مدي واري تعاون جي فريم ورڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
نه ته خطرو آهي ته هي رڳو پاڪ-آمريڪا تڪراري تاريخ جو هڪ ٻيو باب بڻجندو – جتي اعلان ته گهڻا ٿين ٿا، پر پڄاڻي مايوس ڪندڙ هوندي آهي.
پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ آمريڪا سان نوَن رستن جي ڳولھا ڪندي چين سان ويجهن لاڳاپن کي متوازن ڪرڻ کي ڪو وڏو مسئلو نٿي سمجهي. ان کي چين جي ڀارت سان ويجهي ٿيندڙ لاڳاپن جي به خاص پريشاني ناهي، ڇو ته انهن جا لاڳاپا ڪڏهن به گھڻي اسٽريٽجڪ گھرائي رکندڙ نہ رھيا آھن، ۽ سندن مستقبل به غير يقيني آهي.
پاڪستان کي چين سان پنهنجي مضبوط دفاعي لاڳاپن تي اعتماد آهي، ۽ اهو اعتماد برقرار رهندو، ڀلي چين ۽ ڀارت گڏجي آمريڪي حڪمت عملين جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
پر، چيني سفارتڪاري آمريڪا جي مقابلي ۾ خاموش طريقي سان ڪم ڪندي آهي، ۽ گهڻو ڪري اشارن جي ذريعي ڪم ڪري ٿي. چيني پرڏيهي وزير جو تازو اسلام آباد جو دورو ، سيڪيورٽي، سي پيڪ، ۽ نوَن قدمن تي ٻڌل هو. قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته هو ان دوري کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪابل ۾ ٽن-ملڪن واري سيڪيورٽي ميٽنگ لاءِ موجود هو.
ميڊيا رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته جتي چين ۽ افغانستان بي آر آءِ ۾ شموليت تي ڳالهايو، اتي سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ جي رفتار سست ٿي وئي آهي.
ساڳئي وقت، طالبان پاڪستان کي شامل ڪرڻ کانسواءِ چين سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته چين مرڪزي ايشيا سان سڌو رابطو قائم ڪرڻ جي به حمايت ڪري رهيو آهي.
هيءَ پيغام آهي، جنهن کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي قيادت کي سنجيدگي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي.
روزاني ڊان جي ٿورن سان

پنھنجي راءِ لکو