ڇا توهان پنهنجي سمارٽ فون جي بيٽري جلدي ختم ٿيڻ تي پريشان آهيو؟

حقيقت ۾، سمارٽ فونن جا واپرائيندڙ جنھن ۾ ڳالھ ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان ٿين ٿا، اها بيٽري جو جلد ختم ٿيڻ..
ان جو سبب توهان جي فون ۾ موجود ڪجھو ايپس ٿي سگهن ٿيون جيڪي تمام گهڻيون مقبول پڻ آهن.
اينڊرائيڊ فونز لاءِ گوگل پلي اسٽور ۾ اڻ ڳڻيون ايپس موجود آهن، پر گهڻو ڪري ماڻهو مقبول ايپس ئي ڊائونلوڊ ڪندا آهن..
اينڊرائيڊ اٿارٽي ان ايپس جي فهرست تيار ڪئي آهي جيڪي اسمارٽ فون جي بيٽري کي سڀ کان وڌيڪ تڪڙو ختم ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب، مختلف ايپس طرفان بيٽري کي تڪڙو ختم ڪرڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا.
مثال طور، ڪجهه ايپس اهڙيون آهن جن کي ڪم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي توانائي جي ضرورت هوندي آهي.
ان طرح، ڪجهه ايپس بيڪ گرائونڊ ڊيٽا، لوڪيش ۽ ٻين ڪيترن ئي ذريعن ذريعي بيٽري کي گهڻو استعمال ڪن ٿيون.
ان فهرست ۾ بيٽري کي سڀ کان تڪڙو ختم ڪرڻ واري ايپس ۾ گوگل سروسز سڀ کان مٿي آهي.
ايپس جيئن گوگل ميپس، ڪروم، جي ميل، گوگل پلي، گوگل فوٽوز، گوگل اسسٽنٽ، يوٽيوب ۽ گوگل هوم وغيره، اينڊرائيڊ فونز ۾ انھن کي ڊليٽ ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي.
اهي سڀ ايپس بيٽري کي تڪڙو ختم ڪن ٿيون ڇو ته انهن کي جي پي ايس ۽ ٻين ڪيترن ئي ذريعن جي ضرورت هوندي آهي.
فهرست ۾ ٻئي نمبر تي فيس بڪ رکيو ويو آهي.
دنيا جو سڀ کان مقبول سوشل ميڊيا پليٽ فارم گهڻيون خصوصيتون رکندو آهي، جهڙوڪ فيڊ، اسٽوريز، ريلز، مارڪيٽ پليس، ايومنٽس، ميموريز، گروپس، پيجز، گيمز ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ..
انهي سبب، ڊوائيس جي بيڪ گرائونڊ ۾ اهو سوشل ميڊيا پليٽ فارم مسلسل سرگرم رهندو آهي، جڏهن ته ان جا گهڻا فيچرز توهان جي لوڪيشن ۽ ڪيمرا تائين رسائي حاصل ڪندا آهن، جيڪي ٻئي بيٽري لائف کي تڪڙو ختم ڪرڻ وارا اهم عنصر آهن.
اھڙي ريت، فيس بڪ جا صارف اڪثر ڪيترن ڪلاڪن تائين ان ۾ غرق رھن ٿا، جنهن دوران ريم ميموري، پروسيسنگ پاور ۽ اسڪرين برائٽنس وغيره بيٽري لائف تي اثر انداز ٿين ٿا.
ٽئين نمبر تي فيس بڪ ميسينجر رکيو ويو آهي.
عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ميسيجنگ ايپس بيٽري لائف تي گهڻو اثر نٿيون وجهن، پر فيس بڪ ميسينجر ايپ ائين ناهي.
ان جو سبب اهو آهي ته اها صرف سادي ٽيڪسٽ ڪميونيڪيشن ايپ ناهي، بلڪه توهان ان کي وائس ميسيج، وڊيو ڪالنگ، آڊيو ڪالز، فائلز شيئرنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ڪندا آهيو.
انهيءَ طرح، اها فيس بڪ اسٽوريز ۽ ٻين بنيادي فيس بڪ فيچرز تائين رسائي پڻ فراهم ڪري ٿي، جنهن سان بيٽري لائف متاثر ٿيندي آهي.
فيس بڪ ميسينجر جا ڪجهه فيچرز لوڪيشن سروسز تائين رسائي گهرن ٿا، جنهن سان به بيٽري تڪڙو ختم ٿيندي آهي.
چوٿين نمبر تي انسٽاگرام آهي، جنهن ۾ صارف ڪيترائي ڪلاڪ تصويرون ۽ وڊيوز ڏسندا آهن، جنهن سان بيٽري لائف تڪڙي ختم ٿي وڃي ٿي.
انهي سان گڏ انسٽاگرام صارفين کي انهن جي مقامي علائقن جو بهترين تجربو فراهم ڪرڻ لاءِ لوڪيشن سروسز جو استعمال پڻ ڪري ٿو.
پنجين نمبر تي دنيا جي مقبول ترين وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب آهي، جيڪا ڪنهن به ڊوائيس جي بيٽري کي تڪڙو ختم ڪرڻ واري سروس آهي.
يوٽيوب ايپ مسلسل وڊيوز ڊائون لوڊ ڪندي رهندي آهي، جنهن لاءِ تمام گهڻي ڊيٽا جي ضرورت پوندي آهي، خاص طور تي جيڪڏهن توهان ايڇ ڊي وڊيوز اسٽريم ڪري رهيا آهيو.
انهيءَ طرح جڏهن توهان يوٽيوب کوليو ٿا ۽ ڪا وڊيو ڏسندا آهيو، ته اسڪرين ويڊيو جي ھلڻ تائين سرگرم رهندي آهي.
فون جو ڊسپلي تمام گهڻو بيٽري پاور استعمال ڪندو آهي.
ڇهين نمبر تي اسڪائپ ايپ آهي، جيڪا بيڪ گرائونڊ ۾ گهڻا ذريعا استعمال ڪندي آهي.
ايپس جي بيٽري استعمال کي چيڪ ڪريو
سيٽنگز مينيو ۾ بيٽري ۾ وڃو ۽ بيٽري استعمال جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو.
اٽڪل 24 ڪلاڪن ۾ ان انسٽال ٿيل ايپس جي بيٽري جي ڪيتري حصي کي استعمال ڪيو آهي، اهو توهان کي ڏيکاريو ويندو.
انهن ايپس کي بيٽري چوسڻ کان ڪيئن روڪجي؟
انهن ايپس کي ڊليٽ ڪرڻ ڪو مثالي حل ناهي، پر ڪجهه ٻيا قدم پڻ کنيا وڃن ٿا.
مثال طور، جيڪڏهن ضرورت نه هجي ته لوڪيشن سروسز کي بند ڪرڻ سان توهان مختلف ايپس کي بيٽري چوسڻ کان بچائي سگهو ٿا.
انهيءَ طرح، غير ضروري پرميشنز کي ڊس ايبل ڪرڻ سان پڻ ڪنهن حد تائين بيٽري لائف بهتر ٿي سگهي ٿي.
ان لاءِ، سيٽنگز ۾ ايپس ۾ وڃي ۽ پرميشنز سيڪشن ۾ جيڪو توهان کي غير ضروري لڳي، ان کي ڊس ايبل ڪري ڇڏيو.
ايپس نوٽيفڪيشنز کي بند ڪرڻ سان پڻ بيٽري لائف ۾ ڪنهن حد تائين بهتري اچي ٿي.
توهان فون ۾ موجود مختلف بيٽري سيونگ موڊز کي پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا، جڏهن ته بيڪ گرائونڊ ڊيٽا کي بند ڪرڻ سان به فائدو ٿيندو آهي.
اهو سڀ ڪجهه ايپس لاءِ ممڪن ناهي، پر توهان کي هر ايپ جي بيٽري استعمال ۾ وڃي، اتي بيڪ گرائونڊ استعمال کي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪا ايپ سب کان وڌيڪ بيٽري لائف چوسي رهي آهي، ته پوءِ ان کي ڊليٽ ڪرڻ ئي بهترين آپشن ٿيندو.
Courtesy of Geo News

پنھنجي راءِ لکو