ڇا سعودي عرب واقعي سيڪيولر سلطنت طرف وڃي رھيو آھي؟ ايما ايشفورڊ جو خاص مضمون

سعودي عرب هميشه دنيا جي سڀ کان وڌيڪ روايتي معاشرن ۾ شامل رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ هو وڏين سماجي تبديليءَ مان گذري رھيو آهي. ملڪ اندر ترقي ۽ قوم جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ جو مقصد سلطنت کي تيل کان پوءِ جي بھتر مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ آهي. تنهن هوندي بہ گڏوگڏ اختيار ڪيل محتاط علائقائي حڪمت عملي، سعودي قيادت کي ايندڙ ٽرمپ انتظاميه سان تڪرارن ۾ وجهي سگهي ٿي.
نومبر جي وچ ۾، آمريڪي عام چونڊن کان ڪجهه هفتا پوءِ، مان سعودي عرب جي هڪ مطالعاتي دوري تي ويس، جيڪو ڪائونسل آن فارين ريليشنز طرفان ترتيب ڏنل هو. هن سفر ۾ منهنجا ساٿي، جيڪي بين الاقوامي سياست، فنانس، ۽ پرڏيهي پاليسي جا ماهر هئا، مملڪت ۾ ٿيندڙ اهم تبديلين ۽ سعودي قيادت ۽ عوام جي وچ اوڀر ۾ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ گھڻا آتا ھئا.
جده، رياض، ۽ دمام ۾، اسان کي اعلي اختيارين، واپارين، ۽ سول سوسائٽي جي ادارن سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو مليو. ان دوران، اسان ملڪ ۾ جاري غير معمولي معاشي تبديلين سڌو سنئون مشاھدو ڪيو. بهرحال، هي دورو جتي انتهائي متاثر ڪندڙ هو، اتي هن دوري ان سوال کي بہ جنم ڏنو ته ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع منصوبي تحت تجويز ڪيل وڏين سماجي ۽ معاشي تبديلين کي ڪيتري حد تائين ڪاميابي سان لاڳو ڪري سگھجي ٿو، خاص ڪري اقتصادي مشڪلاتن ۽ امڪاني خارجہ پاليسين جي بحرانن کي سامھون رکندي..
هتي ان دوري جا چار وڏا نقطا پيش ڪيا ويا آهن:
1. سماجي ۽ معاشي تبديليون
سعودي معاشري ۾ تبديليءَ جي سطح انتهائي گهري آهي، ايتريقدر جو گذريل چئن يا پنجن سالن ۾ ٿيندڙ تبديلين کان به وڌيڪ، هڪ اهڙو معاشرو جيڪو روايتي، سخت مذهبي، ۽ صنفي لحاظ کان واضح طور تي ورهايل هو، تقريبن هر لحاظ کان بدلجي چڪو آهي. تفريح جا ڪيترائي شعبا، جن ۾ سينما، شوز، ۽ فيشن نمائشون ھاڻي قانوني بڻجي چڪا آهن. راندين جا ايونٽس پڻ سلطنت جو حصو بڻجي ويا آهن، جيئن گولف ٽورنامينٽ ۽ نومبر جو ڊبليو ڊبليو اي ريسلنگ مقابلو وغيرا..
انهن سڌارن تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته اهي رڳو هڪ آمراڻي رياست جي ظاهري سجاڳي کي ظاھر ڪن ٿيون. پر سعودين سان ڳالهائڻ کان پوءِ اهو واضح ٿئي ٿو ته انهن جي روزمره جي زندگي پھريئن کان وڌيڪ بهتر ۽ آزاد آهي، جيتوڻيڪ سياسي آزادي اڃا تائين محدود آهي. سماجي تبديليون ويزن 2030ع جون سڀ کان نروار ڪاميابي لڳي ٿي، جيڪي مملڪت کي تيل کان پوءِ جي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن..
2. معاشي استحڪام جو گاڏڙ منظرنامو
ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبا انتهائي متاثر ڪندڙ آهن. هر طرف نوان تعميراتي منصوبا نظر اچن ٿا، جن جو مقصد هاءِ ٽيڪ ڪمپنين ۽ سياحن کي سلطنت ڏانهن متوجهه ڪرڻ آهي. پر، جيڪي ماڻهو ٻين پيٽرو اسٽيٽس جي اقتصادي ڪهاڻين کان واقف آهن، اهي واضح خطرن کي محسوس ڪن ٿا..
3. قومي سڃاڻپ جي تشڪيل
سعودي قيادت هڪ نئين قومي سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا مذهبي نظرين جي بدران سعودي تاريخ جي سيڪيولر پهلوئن تي ٻڌل آهي.
4. علائقائي حڪمت عملي ۽ ٽرمپ جي واپسي
سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي گذريل ڪجهه سالن ۾ معتدل ٿي وئي آهي، پر هن تبديلي کي رڳو اندروني ترجيحن جي ڪري سمجهڻ غلط ٿيندو.
چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ توازن
چين سان وڌندڙ لاڳاپا ۽ سعودي معيشت ۾ ان جي شموليت آمريڪي-سعودي تعلقات کي وڌيڪ مشڪل بڻائي سگهي ٿي. سعودي عرب چاهي ٿو ته آمريڪا سان مضبوط سيڪيورٽي تعلقات ۽ چين سان اقتصادي ڀائيواري ٻنهي برقرار رکي، پر آمريڪا لاءِ اهو هڪ طرفي آهي.
اهو واضح آهي ته سعودي قيادت اندروني ۽ خارجي ٻنهي چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، پر انهن جا فيصلا سلطنت جي رخ جو تعين ڪندا
نوٽ:
ليکڪہ ايما ايشفورڊ اسٽيمسن سينٽر جي “ري امیجننگ يو ايس گرينڊ اسٽريٽجي” پروگرام جي سينيئر فيلو آهي. هوءَ آمريڪا جي مستقبل جي پرڏيهي پاليسي، بين الاقوامي سلامتي، ۽ عالمي توانائي مارڪيٽن جي سياست سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي ڪم ڪري ٿي. هن کي روس، يورپ، ۽ وچ اوڀر جي سياست ۾ مهارت حاصل آهي. ايشفورڊ ويسٽ پوائنٽ جي ماڊرن وار انسٽيٽيوٽ ۾ غير مقيم فيلو ۽ جارج ٽاؤن يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي اسٽڊيز پروگرام ۾ اسسٽنٽ پروفيسر به آهي.

پنھنجي راءِ لکو