وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏياري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ عقيدن جا رنگ اسان جي ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد جو حقيقي ذريعو آهي، هندؤ برادري جو اسان جي سماجي، معاشي ۽ سياسي شعبن ۾ ڪردار قوم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي۔
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هندؤ برادري کي ڏياري جي خوشين جون مبارڪون ڏنيون آهن۔
وزيراعظم چيو آهي ته روشنيءَ جو هيءَ ڏڻ، ڏياري، انڌاري تي روشنيءَ ۽ مايوسيءَ تي اميد جي فتح جي جشن جي عڪاسي ڪري ٿو۔ مان پاڪستان ۾ هندؤ برادري جي قيمتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو۔ ڏياري ملهائيندي اچو ته سڀ گڏجي مستقبل کي مثبت سوچ ۽ اتحاد جي نظرئي سان ڏسون۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني هجڻ جي ناتي اسان پنهنجي سماج ۾ موجود مختلف عقيدن تي فخر ڪريون ٿا، جيڪو اسان جي قومي ڌارا کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو، هيءَ اسان جي گڏيل ثقافت کي به تقويت بخشي ٿو۔
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هندؤ ۽ ٻين اقليتي برادرين سان واسطو رکندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪندي ڏسي خوشي ٿيندي آهي۔ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح به اهڙي پاڪستان جو تصور ڏنو هو، اهڙو پاڪستان جتي سڀني برادرين کي بغير ڪنهن مذهبي، نسلي يا ذاتي فرق جي برابري ۽ آزادي حاصل هجي۔
هن جو چوڻ هو ته حڪومت انهن قدرن کي قائم رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ به پرعزم آهي ته پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي کي سندن عقيدن کان ھٽي ھڪجھڙا حق ۽ هڪجهڙي ترقيءَ جا موقعا حاصل ٿين۔
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏياري جي موقعي تي هندؤ برادري لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي اها دعا آهي ته روشنيءَ جو هي ڏڻ اوهان جي زندگين ۾ امن ۽ خوشحالي آڻي۔ هيءَ ڏڻ اسان جي ملڪ ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جا لاڳاپا وڌيڪ وڌائي۔
