پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو.
آپريشن 24 ۽ 25 ڊسمبر جي رات ۾ ڪيو ويو، مارجي ويل خوارج سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ بيگناهه شهرين جي قتلن ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ خوارج جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن به ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پڪو عزم رکي ٿي.