پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪارساز سانحوِ هڪ نهايت وڏو دهشتگردي وارو واقعو هو، ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق جي خلاف هڪ سازش هئي.
شارعِ فيصل ڪراچي ۾ منعقد تقريب ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ پي پي پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.
چيئرمين پي پي پي چيو ته پاڪستان ۾ گهڻا اھڙا واقعا ٿي چڪا آهن، پر 18 آڪٽوبر ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگردي جو واقعو هو.
بلاول ڀٽو چيو ته شهيد بي بي دهشتگردن جي مقابلي ۾ شھادت حاصل ڪئي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي اڄ به بي بي جي مشن کي اڳتي وٺي پئي وڃي، ۽ اسان پنهنجن قائد جي ويزن مطابق پاڪستان جي عوام جي خدمت جاري رکنداسين.
ان کان علاوه، سماجي رابطي واري ويب سائيٽ “ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو لکيو ته ڪارساز سانحوِ اڄ به اسان جي ذهنن ۾ زخم وانگر تازو آهي.
هن پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته 18 سال گذري چڪا آهن، پر 177 کان وڌيڪ جیالن جي قربانين هر ڏينهن اسان کي جمهوريت جي حفاظت جي ياد ڏياري ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته هي حملو منصوبابنديءَ سان آمريت ۽ دهشتگردي جي ملي ڀڳت هو، پر قاتلن جو مقصد ناڪام ٿيو ۽ شهيدن جي رت سان ملڪ ۾ جمهوريت جو سج اڀريو آھي..
آخر ۾ هن چيو ته اچو ته اڄ وعدو ڪريون ته اسان ڪارساز جي شھيدن جي ڏنل قربانين کي ضايع ٿين نہ ڏينداسين ۽ امن ۽ جمهوريت لاءِ هر محاذ تي وڙهنداسين.
