ڪراچي ـ ڪراچي ھوائي اڏي ڀرسان ڪجھ عرصي اڳ چيني شھرين جي دھشتگرد حملي جا تفصيل سامھون اچي ويا،حملي ۾ سھولتڪاري ڪرڻ جي الزام ۾ ھڪ عورت سميت 3 ملزم گرفتار ڪيا ويا آھن.واقعي جي جاچ ۾ سامھون ايندڙ تفصيلن بابت سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ لنجار پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حمو ڪندڙن جي سھولتڪاري ڪرڻ تي ھڪ عورت گل نسا ،بئنڪ ملازم بلال،ريڪي ڪندڙ جاويد ۽ بم نصب ڪندڙ دانش کي گرفتار ڪيو ويو آھي،جڏھن ته ھڪ ملزم جي ڳولا جاري آھي .واضح رھي ته حملي جي ذميواري بلوچستان لبريشن فرنٽ مجيد برگيڊ تسليم ڪئي ھئي،ڄاڻايل دھشتگرد حملي ۾ 2 چيني شھري مارجي ويا ھئا.صوبائي وزير سانحي جي جاچ دوران سامھون ايندڙ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته خودڪش بمبار توڙي سھولتڪارن جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي ذريعي ڪئي وئي.ھن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ استعمال گاڏي حب مان ڪراچي آندي وئي جنھن ۾ 30 کان 40 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو.