ڪُرم ۾ مورچا ڊاھڻ جو سلسلو جاري آھي:وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فتنہ خوارج خلاف رات ڏينهن ڪارروايون جاري آهن، ڪُرم ۾ مورچا ڊاهيا پيا وڃن، ۽ 2018 جهڙيون پرامن حالتون واپس آڻينداسين.
اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪُرم ۾ حالتون معمول تي اچي رهيون آهن. بلوچستان ۾ آپريشن دوران 27 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ اسلامي ملڪن ۾ عورتن جي تعليم بابت شاندار ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ وزيرتعليم ۽ ٻين عملدارن جي ڪوششن سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اهم مقالا پيش ڪيا ويا. ان ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سعودي وزير سميت ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا شامل ٿيا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 28 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي آهي. عورتن جي تعليم لاءِ وڏا چئلينج آهن، ۽ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. حڪومت ڪجهه مهينا اڳ تعليم جي شعبي ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو، ۽ وزيرتعليم کي چيو ويو آهي ته هو صوبن سان گڏجي هن مسئلي تي ڪم ڪن، جيڪا وڏي خدمت هوندي.

پنھنجي راءِ لکو