گنڊاپور احتجاج جو انوکو انداز ٻڌائي ڇڏيو،ڪيئن؟؟

پشاور ـــ پشاور ۾ تقريب دوران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف احتجاج ڪرڻو آهي ته خاص انداز ۾ ڪيو، پشاور يونيورسٽي لاءِ اعلان ڪيل 50 ڪروڙ ڏيڻ وارو واعدو نه پاڙيان منهنجي خلاف ‘اووو’ ڪري احتجاج ڪيو.
آبادي ۽ وڌيڪ صوباــــ علي امين گنڊاپور چيو ته، “آبادي وڌي وئي آهي پر صوبن جو تعداد نه وڌايو پيو وڃي،هتي ماڻهو پنهنجي بادشاهت قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.جيڪڏهن مان غلط ڪم نٿو ڪريان ته ڊڄڻ جو ڇا سوال آهي؟ اسان کي الله جي اڳيان جواب ڏيڻو آهي، ۽ اها سوچ پيدا ڪرڻي پوندي.هن چيو ته اسان ڪستو ٽوڙي پنهنجن پيرن تي بيهڻو آهي. ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪي پي پهريون صوبو آهي جتي 30 ارب رپيا قرض لاهڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن.
هن نيب تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ڇا نيب جو ادارو صرف اسان کي ڊڄائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟ نيب هر سال ڪرپشن بابت رپورٽ جاري ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪرپشن ٿي رهي آهي ته نيب ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڇا اهو صرف بليڪ ميلنگ لاءِ آهي؟”
اينٽي ڪرپشن چوي ٿو ملڪ ٺيڪ نٿو ٿي،جيڪڏهن ائين آهي ته اهي آفيسر ڇا جون پگهارون وٺي رهيا آهن؟ هن دعوي ڪئي ته “اهڙيون پاليسيون ٺاهي رهيا آهيون ته ادارا بنا ڊپ جي ڪم ڪن، ۽ جڏهن قانون لاڳو ڪرڻو هجي ته به اهو بنا ڪنهن خوف جي ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو