گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول جوھي جي بلڊنگ مٽيريل، لوھ، در ۽ درين جي چوري ۾ ڪرڙين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف!

وزير تعليم سنڌ پاران جوهي هائي اسڪول جي بلڊنگ جو قيمتي سامان لوھ, گاڊر ٽيئر در دريون ليپ ٽاپ ۽ ٻيون سامان فنڊز جي ڪرپشن واري نوٽس باوجود چوري ۽ واپس نه ٿيڻ سبب سامان جو آڪشن نيلامي نه ٿي سگهي. اسڪول ٺاهيندڙ کاتو ايجوڪيشن ورڪس دادو به هٿ ڪڍي ويو ۔ جنهن سبب هائي اسڪول جوهي گرائونڊ ڏاٿل قيمتي ورثي واريء جڳھ ملبي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿيڻ باوجود اسڪول جي سامان جي چوري آڪشن نيلامي نه ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي ۔ جنهن سبب انگلش ميڊم جديد اسڪول جوڪم شروع ٿيڻ باوجود ملبي مٽي جي ڍيرن سبب ڪم رولڙي جو شڪار بڻجي ويو آهي جڏهن ته غيرملڪي فنڊن جي ڪروڙن روپين جي ڪم کي به هائي اسڪول انتظاميه جي ملي ڀڳت سان انگلش ميڊم اسڪول جو ٺيڪو کڻندڙ ڪمپني پاران ڪم جوڳاڙي ڪانٽريڪٽ ٺيڪيدارن حوالي ڪرڻ ۽ جڳاڙي ناقص ڪم ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي . هائي اسڪول جي تاريخي ورثه جون شيون سامان چوري ڪرڻ سبب شهرين سول سوسائٽی شاگردن والدين ۾ سخت تاء پکڙيل آهي جنهن سبب ۔ تعليم کاتي دادو ذريعن موجب وزير تعليم سنڌ پاران هائي اسڪول جوهي جي مٽريل سامان جي چوري واريء معمالي جي جانچ ڪندڙ تعليم کاتي جي آفيسرن جي جانچ کي رد ڪندي معمالي جي ٻيهر ساف شفاف تحقيقات ڪرڻ لاء ڏپٽي ڪمشنر دادو ڊي او سيڪنڊري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

پنھنجي راءِ لکو