گھرو وزير محسن نقوي جي حافظ نعيم سان اھم ملاقات

وفاقي وزير محسن نقوي منصوره لاهور ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي ملاقات ڪئي،جنھن ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا خاص طور ڪرمه ايجنسي جي حالتن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي گھرو وزير محسن نقوي چيو ته سموري ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.ھن جماعت امير کي آءِ پي پيز سان معاهدن بابت پڻ آگاهه ڪيو،ان دوران جماعت امير طرفان ڪي اليڪٽرڪ بابت به تجويزون پيش ڪيون ويون.

پنھنجي راءِ لکو