180 سالن دوران دنيا ۾ ڪيترا ڊيم تعمير ٿيا؟ زمين جي محور مٿان ڪيترو اثر پيو؟ تازي تحقيق ۾ نوان انڪشاف

تازو چين برهمپترا ڌريا تي دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيم ٺاهڻ جي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي۔
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته 1835ع کان 2011ع تائين، دنيا جي مختلف ملڪن لڳ ڀڳ ست هزار ڊيم تعمير ڪيا آهن، جن مان ڪن جو مقصد صاف پاڻي فراهم ڪرڻ، ڪي بجلي پيدا ڪرڻ، ۽ ڪجهه قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ ٺاهيا ويا آهن۔
اهي ڊيم جنھن به مقصد لاءِ ٺاهيا ويا هجن، انهن جو هڪ گڏيل اصول آهي ـ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ۔
بهرحال، انهن وڏن ۽ ڳرن ڊيمن جي تعمير سبب ڌرتيءَ جي ڪجهه حصن تي اضافي وزن پيو آهي۔بي بي سي موجب
هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ تحقيقي ٽيم جي تازي تحقيق موجب، ويهين صدي دوران ٺاهيل ڊيمن جي ڪري ڌرتي جا قطب (پولز) پنهنجي محور کان لڳ ڀڳ هڪ ميٽر پري ٿي ويا آهن۔

xr:d:DAFtyIL1xQQ:162,j:5912503309436010169,t:23091415

اهِا تحقيق آمريڪا جي جيئوفيزڪل سوسائٽي (AGU) جي رسالي ۾ هن مهيني ڇپجي آهي۔
ان عمل کي “True Polar Wander” يعني “حقيقي قطبي ڀڃڪڙي” سڏيو ويندو آهي۔
۽ جيتوڻيڪ پولز جو محور مان هڪ ميٽر هٽڻ ظاهري طور تي معمولي لڳي ٿو، پر اهو ڌرتيءَ جي فزيڪل ڍانچي تي اثر انداز ٿئي ٿو۔
ان کان علاوه، عالمي سطح تي ڊيمن جي وڏي پيماني تي تعمير سمنڊ جي سطح تي به اثر وڌو آهي۔
تحقيق جي اڳواڻ نتاشا ويلينسڪ آمريڪي جيئوفيزڪل سوسائٽي کي ٻڌايو ته:
”هن مطالعي جون ٻه اهم ڳالهيون آهن: پهرين ته هي انسان جي سرگرمين سبب ڌرتيءَ تي اثر وجهڻ جو هڪ ٻيو طريقو آهي، ۽ ٻي ته هن جو ماحولياتي تبديليءَ سان مقابلو ڪرڻ جي طريقن، خاص ڪري سمنڊ جي سطح بابت اندازن تي ڪھڙو اثر پوي ٿو۔“
جيئن ته ڊيم ٺاهڻ جو عمل گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٽن هزار سالن کان جاري آهي، پر هي تحقيق خاص ڪري انهن جديد ڊيمز تي مرڪوز آهي جيڪي گذريل لڳ ڀڳ 180 سالن دوران ٺاهيا ويا آهن۔

xr:d:DAFtyIL1xQQ:176,j:4002977072343705922,t:23091416

تحقيق ۾ عالمي سطح تي ٺاهيل 6,862 وڏن ڊيمن ۽ انهن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو آهي۔
ويلينسڪ موجب، ”اسان اهو نٿا چئون ته قطبن جي هڪ ميٽر حرڪت سان نئون برفاني دور (آئس ايج) اچي ويندو، پر اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڌرتيءَ جي مخصوص حصن تي وڌندڙ وزن ڌرتيءَ جي گردش تي ڇا اثر ڪيو آهي۔“
تحقيق ڪيئن ڪئي وئي؟
عالمي سطح تي ڊيمن بابت گڏ ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي، تحقيق ڪندڙ ٻن سوالن جا جواب ڳولڻ چاهيندا هئا:
1. قطبي ڀڃڪڙي تي انهن ڊيمن جو ڪيترو اثر پيو؟
2. پاڻي جا ذخيرا سمنڊ جي سطح کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪن ٿا؟
هنن ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي جي مقدار، ڊيم جي جاگرافيائي جاين ۽ ٻين ڪيترن ئي عنصرن جو جائزو ورتو۔
سائنسدانن موجب، جيڪڏهن ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي اضافي وزن وڌو وڃي ته اندروني تهه، جتي مقناطيسي ميدان (Magnetic Field) آهي، ان جي گردش مختلف ٿيندي، ۽ ان تضاد سبب پولز ۽ ڌرتيءَ جي محور ۾ فرق پيدا ٿيندو۔
پر اها تبديلي دائمي نه رهي آهي۔
AGU ۾ ڇپيل رپورٽ موجب، ”اسان جي تحقيق دوران پهرئين مرحلي يعني 1835ع کان 1954ع تائين، اڪثر ڊيمن ڌرتيءَ جي اترين اڌ تي ٺاهيا ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ اتر قطب لڳ ڀڳ 20.5 سينٽي ميٽر حرڪت ڪئي۔“
ويلينسڪ ٻڌايو ته ”1954ع کانپوءِ ڊيم تعمير جو جاگرافيائي رجحان تبديل ٿي ويو ۽ اضافي وزن ڌرتيءَ جي ٻين علائقن ۾ ورهائجي ويو۔“
ان نتيجي ۾ قطبن ۾ وڌيڪ 57 سينٽي ميٽر تبديلي ڏسڻ ۾ آئي۔
تحقيق مطابق 1835ع کان 2011ع تائين ڊيمن جي تعمير سبب قطبن جي مجموعي ڀڃڪڙي 113 سينٽي ميٽر رهي۔
سمنڊن تي اثر
تحقيق ڪندڙن اهو به پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊيمن سمنڊ جي سطح تي ڪهڙو اثر وڌو؟
ويلينسڪ موجب، ”نتيجن مان ظاهر ٿيو ته مستقبل ۾ ماهرن کي سمنڊ جي سطح ۾ واڌ بابت اندازا لڳائيندي انهن پاڻيءَ جي ذخيره گاهن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو۔“
تحقيق مطابق، ويهين صديءَ دوران سمنڊ جي سطح ۾ سراسري 12 کان 17 سينٽي ميٽر واڌ ٿي، پر ڊيمن انهيءَ مان چوٿون حصو روڪي ڇڏيو۔
ويلينسڪ وڌيڪ چيو: ”هي اهم مقدار آهي، ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي سطح ۾ واڌ دنيا جي هر حصي ۾ هڪجهڙي ناهي ٿيندي۔“
هن چيو: ”ڊيمن ۽ آبي ذخيرن جي جاين مطابق، سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جي جيوميٽريءَ ۾ فرق ٿي سگهي ٿو۔ هي اهو پاسو آهي جنهن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي، ڇو ته ان جا اثر گھڻا چٽا ٿي سگهن ٿا۔“
بي بي سي جي ٿورن سان

پنھنجي راءِ لکو