2022ع جي ٻوڏ: انساني حقن واري نيٽ ورڪ سنڌ حڪومت جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور : انساني حقن جي ڪارڪنن جي نيٽ ورڪ ”ڏکڻ ايشيا جي انساني حقن جي نيٽ ورڪ“ ( اي ايس ايچ آر) 6 کان 10 جنوري تائين سال 2022 ع ۾ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيل ٻوڏ متاثرن جي نقصان ۽ ان جي ازالي لاءِ ھڪ فيڪٽ فانڊنگ مشن ذريعي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آھن. ھن مشن ۾ ايس ايڇ اي آر جي بيورو جو ميمبر احمد رافع عالم ،ماحولياتي حقن جا وڪيل ،ڏکڻ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جو ايگزيڪٽوَ ڊاريڪٽر ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري ، فاروق طارق شهناز شيدي بہ ان جو حصو ھئا..
(ايس اي ايڇ آر)طرفان سنڌ جي ضلعن لاڙڪاڻي، شڪارپور، نوابشاهه ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو ويو. مشن جو مقصد ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين تعمير جي عمل ۾ حڪومتي ڪارڪردگي، ورتل اپائن ۽ ڪوتاهين جو جائزو وٺڻ ۽ ان سان لاڳاپيل انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي رڪارڊ تي آڻڻ هو.
مشن هيٺين اهم معاملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو:
رھائش ۽ بنيادي ڍانچي جي کوٽ
شروعاتي تحقيقات، صوبائي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏن هائوسنگ پروجيڪٽس مان ھڪ شروع ڪرڻ جي دعوائن کي رد ڪي ٿي. مشن کي ڳڻتي آهي ته تجويز ڪيل ھڪ ڪمري وارو، ٻوڏ کي منھن ڏيندڙ گهر جو ماڊل، جنھن ۾ باورچی خانو ۽ بيت الخلاء جھڙيون بنيادي سهولتون به شامل ناهن، گھر طور قبول نٿو ڪري سگهجي.
وڌيڪ اھو به ڄاڻايو ويو ته ھڪ ڪمري واري گھر جي تعمير لاءِ شروعاتي طور فراهم ڪيل ٽي لک رپين جي رقم ان وقت به ناڪافي هئي ۽ موجوده مھانگائي جي شرح سان ھي رقم اڃا به غير معقول حد تائين گهٽ ٿي وئي آھي. مشن دوران اھو به معلوم ٿيو ته متاثر ڪميونٽين کي جامع نقصان، تلافي ۽ بنيادي حقن جھڙوڪ صاف پيئڻ جو پاڻي، غذائيت سان ڀرپور کاڌو، بجلي، تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي.
موسمياتي تبديلي ۽ رياستي ذميواري
مشن جي راءِ آھي ته ھڪ ڪمري وارا گھر ڪنهن به صورت ۾ موسمياتي آفتن کي منھن نٿا ڏئي سگھن. موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل آفتن جي اڳڪٿين مطابق مستقبل ۾ اھڙن ڪمزور آبادي وارن علائقن تي وڌيڪ شديد قدرتي آفتن جا اثر پوندا ۽ ھي اسٽرڪچر ٻي سخت برسات کي برداشت ڪرڻ جي قابل بہ نه هوندا.
رياست جي ذميواري آھي ته اھا ماڻھن کي پناھ، کاڌو، تعليم، صحت ۽ صاف ماحول مهيا ڪري. انھن ڪمزور آبادي وارن علائقن جا بنيادي حق لتاڙيا ويا آھن ۽ کين غير انساني ۽ غير وقار حالتن ۾ رھڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي.
مشن جي مشاھدي ۾ اھا ڳالھ بہ آئي تہ موزون گھرن جي ڊزائن ۽ حقيقي متاثر ڪميونٽين ۾ گھرن جي ورڇ جي عمل ۾ تمام گهٽ مشاورت ڪئي وئي آھي. ٻوڏ کانپوءِ تعمير نو ۽ بحالي جي عمل کي معمول جي سرڪاري وھنوار طور وٺڻ جي حڪومتي رويي سبب فنڊن جي بروقت ورڇ جي اهميت کي گهٽايو ويو آھي.
صحت ۽ صفائي جو بحران
مشن جي دوري دوران معلوم ٿيو ته ڳوٺن ۾ مناسب نيڪال يا صفائي جو ڪو نظام موجود نه آهي. ماڻهن پنهنجن اڱڻن ۾ گند ۽ ڪچرو دفن ڪرڻ لاءِ کڏون کوٽي ڇڏيون آهن. ان غير صحت مند صورتحال سبب ڪميونٽي ۾ ڊائريا، مليريا، ۽ چمڙي جا مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيا آهن.
ڪيس اسٽڊي: ڳوٺ ڍنڍ
لاڙڪاڻو ضلعي ۾ موهن جو دڙو جي ويجهو ڳوٺ ڍنڍ ۾ 40 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن ۽ هن وقت تائين رڳو چار گهر تعمير ڪيا ويا آهن. مشن کي ٻڌايو ويو ته ماڻهن کي حڪومت جي تيار ڪيل فهرست ۾ پنهنجا نالا ڳولڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ڪجھ خاندان اڃا به خيمن ۾ رهن پيا ۽ ڪجھ پاڙيوارن جي گهرن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن. جيڪي خاندان ٻوڏ کانپوءِ پاڻمرادو پنهنجا گهر ٺاهي چڪا آهن، انهن کي حڪومتي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. سراسري طور 6 ماڻهن تي ٻڌل خاندان لاءِ هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهڻ ناممڪن آهي، خاص طور تي تڏھن، جڏهن ڪجھ خاندان جا ميمبر شادي شده هجن.
صحت جي سارسنڀال تائين رسائي ۽ لاڳاپيل مسئلا
مشن ڏٺو ته عورتون ۽ ٻار ٻوڏ کانپوءِ جي اثرن جو گھڻو وزن برداشت ڪري رهيا آهن. اهي سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهن ۽ تباهه ٿيل رستن جي نيٽ ورڪ سبب مناسب صحت جي سارسنڀال تائين رسائي محدود آهي. مشن اهو به ڏٺو ته ٻار اگهاڙين پير ۽ بنيادي ضرورتن، جن ۾ ڪتاب ۽ ٻيون شامل آھن، کان سواءِ اسڪول وڃن ٿا، جڏهن ته ڪيترين ئي ڇوڪرين کي اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ٻوڏ سبب رستن جو نيٽ ورڪ تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ڪري اسپتالن تائين پهچ مشڪل ٿي ويو آهي. متاثر ماڻهن جي ذهني صحت تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي ۽ ڪجھ ڳوٺن ۾ ماڻهو مشڪلاتن جي ڪري ذهني طور تي بيمار ٿي ويا آهن.
زرعي ۽ معاشي اثر
ٻوڏ،پاڻ سان گڏ متاثر ماڻهن جي روزگار جا ذريعا به لوڙھي وئي آهي. ڪجهه ماڻهو ٿورڙي زمين جا مالڪ هئا، جڏهن ته ٻيا وڏيرن جي زمينن تي ڪم ڪندا هئا. موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب زمين تي فصل پوکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ پيداوار اڌ کان به گهٽ ٿي رهي آهي. شڪارپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ زمينون ڪلراٺيون ٿي ويون آهن. اڳ ۾ ڏنل حڪومتي سبسڊي افراط زر سبب هاڻي ناڪافي بڻجي وئي آهي، ۽ ماڻهن کي پنهنجن خاندانن کي کاڌو کارائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.
موسمياتي تبديلي بابت آگاهي
ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي تقريباً نه ھجڻ جي برابر آهي. انهن کي موسمياتي تبديلين ۽ ان جي اثرن بابت بنيادي ڄاڻ به ناهي. متاثر ماڻهن جو خيال آهي ته آفتون ”سندن غلطين سبب آيون آهن“.
نظام جون ناڪاميون
ٻوڏ کانپوءِ نئين تعمير ۽ بحالي جي عمل جي باقاعدي نگراني ۽ جائزي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع فريم ورڪ جي غير موجودگي بحالي ۾ غير ضروري دير ۽ تعمير نو ۾ سست رفتاري جو سبب بڻجي رھي آهي. سياسي ۽ ٻين سببن سبب ٻوڏ کانپوءِ جي نئين تعمير ۽ بحالي کي تيز ڪرڻ لاءِ عوامي جا آواز منتشر ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته متاثر ڪميونٽيز جي جامع ۽ گڏيل ترقياتي عمل لاءِ سفارشون ڪندڙ مقامي ڪارڪنن ۽ تنظيمن جي صلاحيتن کي لاڳاپيل حڪومتي عملدارن نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
موسمياتي فنانس ۽ اقتصادي بوجھ
مشن نوٽ ڪيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جو گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي، پر جيڪو بوجھ هو برداشت ڪري رهيو آهي اهو ناقابل قبول آهي، ۽ موسمياتي فنانس جو طريقو مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ کي عالمي بينڪ ۽ ٻين مالي ادارن کان لڳ ڀڳ 2 ارب آمريڪي ڊالر مليا آهن. اها رقم اڪثر ڪري قرض جي صورت ۾ آهي، جيڪا وياج سميت واپس ڪرڻي پوندي. هي رقم غريب پاڪستانين کان ناجائز ٽيڪسن ذريعي حاصل ڪئي ويندي، جنهن سان انهن جون تڪليفون وڌنديون. اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي ۽ ملڪ جي اقتصادي صورتحال خراب آهي.
چاليھ ارب ڊالرن جو ٻوڏ بل، امداد جي ڪا اميد ناھي
2022 جي ٻوڏ سبب نقصانن جو اندازو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. موجوده مالي ماڊل، جيڪو ورلڊ بينڪ جهڙن ادارن جي قرض تي ڀاڙي ٿو، متاثر ڪميونٽيز کي بحالي لاءِ اضافي قرض جي بوجھ کي برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري پيو. اهو معاشي ڪمزوري جو دائرو پيدا ڪري ٿو، جيئن سنڌ ۾ ڏٺو ويو آهي، جتي ٻوڏ متاثرن کي وڌيڪ ٽيڪسن ذريعي وياج سان قرض واپس ڪرڻو پوي ٿو، باوجود ان جي، جو اهي اڳ ۾ ئي غربت ۽ افراط زر سان جھيڙي رهيا آهن.
Loss and Damages Fund سنڌ جهڙين ڪميونٽيز لاءِ وڌيڪ منصفاڻا مالي طريقا مهيا ڪري سگهي ٿو، جيڪو قرض جو بوجھ وڌائڻ کان سواءِ سڌي مدد فراهم ڪندو. پر ترقي يافته ملڪن جي محدود شرڪت ۽ فنڊ جي ورڇ جي غير واضح طريقي سان، سنڌ جهڙن علائقن لاءِ تڪڙي امداد اڃا به ناڪافي رهندي. موسمياتي انصاف جي اصولن ۽ عملي عملدرآمد جي وچ ۾ هي وڇوٽي ڪمزور ڪميونٽيز کي موسمياتي آفتن جي جسماني ۽ مالي نقصانن جو بوجھ برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.
مشن پاران سامھون آيل نئين حقيقتن تي ٻڌل خاص سفارشون ايندڙ هفتن ۾ جاري ڪيون وينديون.
شروعاتي سفارش
1. گهرن جي ڊيزائن جو جائزو ورتو وڃي ۽ غسل خانو، صفائيءَ جي نظام، ۽ باورچي خانه جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
2. موجوده تعميراتي خرچن جي روشنيءَ ۾ گهرن جي تعمير لاءِ ڏنل معاوضي جي رقم جو جائزو ورتو وڃي.
3. متاثر ماڻهن جو نئون سروي ڪيو وڃي ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته ڇا حقيقي متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي يا نه.
4. گرین ہاؤس گيسز جي اخراج لاءِ وڌيڪ ذميوار گلوبل اترئين ملڪن کي موسمياتي ماليات ، نقصان ۽ تلافي لاءِ پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اهي ماليات ۽ فنڊز، قرض جي صورت ۾ نه هجڻ گهرجن.
5. نقصان ۽ تلافي جي سهولتن ۾ مضبوط تصديق ۽ جائزي جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن فنڊ موسمياتي بحران کان متاثر ماڻهن ۽ ڪميونٽيز تائين پهچي سگھي.
(Courtesy Roznama Jedojahad)

پنھنجي راءِ لکو