پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته 9 مئي جا پُرتشدد واقعا پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو باب آهن۔
آءِ ايس پي آر موجب، 9 مئي2023 واري سانحي ۾ ملوث مجرمن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن۔
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته هي پُرتشدد واقعا سڄي قوم لاءِ هڪ شديد صدمي جو سبب بڻيا۔ ان ڪاري ڏينهن کان پوءِ، سڀئي شاهديون ۽ واقعا ڳوڙھائپ سان جاچيا ويا ۽ ملوث جوابدارن خلاف ناقابل ترديد شاهديون گڏ ڪيون ويون۔
ڪجهه ڪيس قانون مطابق فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڏانهن اماڻيا ويا، جتي مناسب قانوني ڪارروائي کان پوءِ انهن ڪيسن جو ٽرائل ٿيو۔ 13 ڊسمبر 2024 تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ زيرالتوا ڪيسن جا فيصلا ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پهرئين مرحلي ۾ 25 ملزمن کي سزائون ٻڌايون آهن۔ اهي سزائون سڀني شاهدين جي جائزي ۽ مناسب قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻڌايون ويون آهن۔ جوابدارن کي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ سڀئي قانوني حق مهيا ڪيا ويا۔
25 جوابدارن جا نالا، جن تي ڏوھ ثابت ٿيو
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث جان محمد خان ولد طور خان کي 10 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد عمران محبوب ولد محبوب احمد کي 10 سال قيد بامشقت
• جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث راجا محمد احسان ولد راجا محمد مقصود کي 10 سال قيد بامشقت
• پنجاب رجمنٽل سينٽر مردان حملي ۾ ملوث رحمت الله ولد منجور خان کي 10 سال قيد بامشقت
• پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث انور خان ولد محمد خان کي 10 سال قيد بامشقت
• بنون ڪينٽ حملي ۾ ملوث محمد آفاق خان ولد ايم اشفاق خان کي 9 سال قيد بامشقت
• چڪدره قلعي حملي ۾ ملوث دائود خان ولد امير زيب کي 7 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث فهيم حيدر ولد فاروق حيدر کي 6 سال قيد بامشقت
• ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ حملي ۾ ملوث زاهد خان ولد محمد خان کي 4 سال قيد بامشقت
• پنجاب رجمنٽل سينٽر مردان حملي ۾ ملوث ياسر نواز ولد امير نواز خان کي 2 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث عبدالهادي ولد عبدالقيوم کي 10 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث علي شان ولد نور محمد کي 10 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث دائود خان ولد شاد خان کي 10 سال قيد بامشقت
• جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث عمر فاروق ولد محمد صابر کي 10 سال قيد بامشقت
• پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث بابر جمال ولد محمد اجمل خان کي 10 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد حاشر خان ولد طاهر بشير کي 6 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد عاشق خان ولد نصيب خان کي 4 سال قيد بامشقت
• ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ حملي ۾ ملوث خرم شهزاد ولد لياقت علي کي 3 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد بلاول ولد منظور حسين کي 2 سال قيد بامشقت
• پنجاب رجمنٽل سينٽر مردان حملي ۾ ملوث سعيد عالم ولد معاذ الله خان کي 2 سال قيد بامشقت
• آءِ ايس آءِ آفيس فيصل آباد حملي ۾ ملوث لئيق احمد ولد منظور احمد کي 2 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث علي افتخار ولد افتخار احمد کي 10 سال قيد بامشقت
• جناح هائوس حملي ۾ ملوث ضياءُ الرحمان ولد اعظم خورشيد کي 10 سال قيد بامشقت
• پنجاب رجمنٽل سينٽر مردان حملي ۾ ملوث عدنان احمد ولد شير محمد کي 10 سال قيد بامشقت
• پنجاب رجمنٽل سينٽر مردان حملي ۾ ملوث شاڪر الله ولد انور شاهه کي 10 سال قيد بامشقت
آءِ ايس پي آر جو بيان
• آءِ ايس پي آر موجب، ٻين جوابدارن جي سزائن جو اعلان سندن قانوني عمل مڪمل ٿيڻ تي ڪيو ويندو۔ 9 مئي جي سزائن جو فيصلو قوم لاءِ انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي جوابدارن خلاف دهشتگردي جي مختلف عدالتن ۾ به ڪيس هلندڙ آهن۔
• آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيوآھي ته 9 مئي 2023 تي قوم سياسي طور تي ڀڙڪايل اشتعال انگيز تشدد واقعا ڏٺا۔ 9 مئي جا پُرتشدد واقعا پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو باب آهن۔ سياسي پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن لاءِ اهي سزائون هڪ تنبيه آهن ته مستقبل ۾ قانون کي هٿ ۾ نه کنيو وڃي۔
• آءِ ايس پي آر موجب، صحيح معنيٰ ۾ مڪمل انصاف ان وقت ٿيندو جڏهن 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ رٿابندي ڪندڙن کي آئين ۽ قانون مطابق سزا ڏني ويندي۔ پاڪستاني رياست 9 مئي جي واقعن ۾ مڪمل انصاف فراهم ڪندي رياست جي عملداري کي يقيني بڻائيندي۔
• آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي انصاف فراهم ڪري تشدد جي بنياد تي ڪيل گمراهه ۽ تباهه ڪندڙ سياست کي دفن ڪيو ويندو۔ 9 مئي تي ٿيندڙ انصاف نفرت، ورهاست ۽ بي بنياد پروپيگنڊا جي نفي ڪندو۔ آئين ۽ قانون مطابق، سڀني سزا يافته مجرمن کي اپيل ۽ قانوني چارا جوئي جو حق آهي۔
• آءِ ايس پي آر موجب، نفرت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل سياسي بيانيي جي بنياد تي هٿياربند فوج جي ٺهيل تنصيبات تي منظم حملا ڪيا ويا ۽ انهن جي بي حرمتي ڪئي وئي۔ اهي پُرتشدد واقعا سڄي قوم لاءِ هڪ شديد صدمو آهن۔
• نوَ مئي جا واقعا زور ڀرين ٿا ته ڪنهن کي سياسي دهشتگردي ذريعي پنهنجي مرضي ٻين تي مڙهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي۔ انھي ڪاري ڏينهن کانپوءِ سڀ شاهديون گڏ ڪيون ويون ، ملوث جوابدارن خلاف ناقابل ترديد ثبوت گڏ ڪيا ويا، ۽ ڪجهه ڪيس قانون مطابق فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڏانهن اماڻيا ويا جتي مناسب ڪارروائي کانپوءِ ٽرائل ڪيو ويو۔