9 مئي حملا ڪيس ۾ تيزي،تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 14 اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد ــــ اڊيالا جيل ۾ 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملي ڪيس ۾ خصوصي عدالت تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 14 اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آھي،ڄاڻايل ڪيس ۾ عمران خان سميت فرد جرم لاڳو ٿيندڙن جو مجموعي انگ 113 ٿي ويو آھي.عدالت پيش دروان جن وڌيڪ 14 پي ٽي آئي اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو آھي انھن ۾ پارٽي جو وائيس چيئرمين شاه محمود قريشي،ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور،شهريار آفريدي،فواد چوڌري،سينيٽر شبلي فراز،ڪنول شوذوب،شيخ رشيد ۽ ٻيا شامل آهن.

پنھنجي راءِ لکو