اسلام آبادـ حڪومت اتحادي جماعتن،مخالف ڌر جو عدالتي سڌارن لاءِ آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت بجاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ قائم ڪرڻ جو مطالبو تسليم ڪري ورتو آھي.گذريل رات لاھور ۾ ٽن اھم سياسي جماعتن جي قيادت وچم عدالتي سڌارن لاءِ آئيني مسودي تي اتفاق ڪيو ويو ھو. اڳوڻي وزير ميان نواز شريف جي ميزباني ۾ ھڪ ويھڪ ۾ جي يو آئي امير مولانا فضل الرحمان ،صدر آصف علي زرداري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ،وزير اعظم شھباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي جنھن ۾ مولانا ۽ بلاول کانپوءِ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف به عدالتي سڌارن لاءِ آئيني ترميم ۾ آئيني بينچ بجاءِ آئيني عدالت قائم ڪرڻ واري مخالف ڌر جي تجويز تي اتفاق ڪيو.ان بعد حڪومت پاران اڄ پارليماني خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عدالتي سڌارن جي سلسلي ۾ آئيني ترميم جو مسودو پيش ڪيو ويو جنھن ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي جاءِ تي آئيني عدالت قائم جو نقطو شامل ڪيو ويو آھي ،جڏھن ته باقي نقطن تي اتفاق لاءِ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٻيھر ٿيندو