ڪوئٽا ـ ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن تي دھشتگرد حملي ۾ 24 انسان فوت جڏھن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن..ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن جي ٽڪيٽ گھر واري حصي کي صبح جو دھشتگردي جو نشانو بڻايو ويو ،جنھن سبب اتي موجود ڪيترائي انسان اجل جو شڪار بڻجي ويا آھن..ڪوئٽا انتظاميه دھشتگرد حملي کي خودڪش حملو قرار ڏيندي،ڪالعدم جماعت پاران حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي.