چيمپئنز ٽرافي: ڀارت پاڪستان نه وڃڻ لاءِ آءِ سي سي کي آگاهه ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کي آگاهه ڪيو آهي ته ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه ويندي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب حڪومت طرفان ڪليئرنس نه ملڻ سبب بي سي سي آءِ ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان جي ٽن هنڌن تي کيڏي ويندي، جنهن ۾ 8 ٽيمون حصو وٺنديون.

ايونٽ ۾ ڀارت جي شرڪت ڪجهه مهينن کان غير يقيني آهي، جڏهن ته جمعي ڏينهن ڀارتي ميڊيا موجب چيو ويو هو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نه ايندي ۽ ان جون ميچون گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ کيڏيون وينديون.
ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس بي سي سي آءِ طرفان ڪو به باضابطه نوٽيفڪيشن نه ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني مڪمل طور تي پاڪستان ۾ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن به بائي برڊ ماڊل جي پيروي نه ڪندو.

پنھنجي راءِ لکو