ھندستاني ميڊيا موجب اربع 11 ڊسمبر تي صبح سوير ھندستان جي ڪپور خاندان جي فلمي ستارن وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي. ھن ملاقات ۾ ڪرينا ڪپور خان، سندس گھر وارو سيف علي خان، رنبير ڪپور ۽ ان جي گھر واري عاليہ ڀٽ، ڪرشما ڪپور ،نيتو(سنگ) ڪپور ۽ ٻيا ڀاتي شامل ھئا. ملاقات دوران ڪپور ڪٽنب جي ميمبرن راج ڪپور فلم فيسٽويل ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انڊين ميڊيا رپورٽس موجب راج ڪپور فلم فيسٽيول 13 ڊسمبر کان ممبئي ۾ شروع ٿيندو، جيڪو راج ڪپور جي سوسالہ پيدائش جي خوشي ۾ ملھايو پيو وڃي. گذريل مھيني ان فيسٽويل ڪرائڻ جو اعلان رنبير ڪپور ڪيو ھو، جيڪو مرحوم اداڪار رِشي ڪپور جو پُٽ آھي.