حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالھين جي راھ ھموار ٿي وئي

پي ٽي آءِ پنھنجي مطالبن تان پوئتي ھٽي وئي، مفاھمت جي فضا پيدا ٿيڻ بعد حڪومت ڳالھين لاءِ تيار ٿي وئي آھي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي ذريعن پي ٽي آءِ سان ڳالھين لاءِ باضابطا رابطن جي تصديق ڪري ڇڏي آھي. ان سلسلي صاحبزاہ حامد رضا ڳالھين جي تصديق جڏھن تہ بيريسٽر گوھر ترديد ڪئي آھي. ٻئي طرف حڪومتي ذريعن جو چوڻ آھي تہ سياسي ڳالھين ذريعي مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تہ اڳتي وڌڻ جو رستو ڳالھين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ناھي. ذريعن جو چوڻ آھي تہ جلد ئي ھڪ حڪومتي ڪميٽي جوڙي ويندي،جيڪا ڳالھين جي عمل کي اڳتي وڌائيندي. ياد رھي تہ پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26ھين نومبر جي واقعن جي حوالي سان عالتي ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي آھي، جنھن تي حڪومت پاران ڪوبہ ردعمل نہ ڏنو ويوآھي.

پنھنجي راءِ لکو