اسلام آباد ـ ذريعن مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۾ جماعتن ۾ سخت موقف وارن کي سمجهائي ٿڌو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آھي.ٻنھي اڳواڻن ۾ ملاقات جي حوالي سان اندرين ڪھاڻي سامھون اچي وئي آھي جنھن مطابق ٻنھي اڳواڻن ملڪ جي مفاد ۾ گڏجي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيوآھي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٻنهي پاسي کان سخت موقف رکندڙ ماڻهن کي سمجهائڻ تي زور ڏنو ويو،ملاقات دوران اياز صادق تجويز ڏني ته توهان پنهنجي جماعت جي سخت موقف رکندڙ ماڻهن کي سمجهايو، آئون پنهنجي جماعت جي سخت موقف رکندڙ ماڻهن کي سمجهائيندس، جنهن تي اسد قيصر چيو ته پارٽي سان مشورو ڪنداسين.ٻنهي اڳواڻن قوم جي سامهون ڳالهين جي عمل کي شفاف طريقي سان اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن به خبرون سامهون آئي هئي ته پي ٽي آءِ جي وفد اسپيڪر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو، پر پوءِ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ سان رابطا ۽ ڳالهين جي ترديد ڪئي هئي.