اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين لاءِ اسان ڪا به شرط نه رکي آهي، پر مطالبا ضرور پيش ڪيا آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته 9 مئي واري ڪيس ۾ ڊسچارج ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اهي سڀئي ڪيس ڪوڙا آهن ۽ انھن ۾ بريت ٿي ويندي.
هن چيو ته دنيا اندر سخت پر احتجاج دوران گولي نه ڪٿي به ناھي هلندي آهي هن وڌيڪ چيو ته مظاهرين اڃا ويٺا به نه هئا ته شيلنگ شروع ڪئي وئي ھئي.
بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ اڳ ۾ به ڳالهين جي ڳالهه ڪئي هئي سياسي مسئلن جو حل صرف سياسي ويهڪ سان ئي نڪرندو آهي. اسان ڳالهين لاءِ ڪابه شرط نه رکي، پر مطالبا پيش ڪيا آهن،حڪومت سان اڳ به مذاڪرات ٿيا پر هڪ مرحلي کان اڳ رابطو ختم ٿي ويو، هاڻي بس ڪافي ٿي ويو آهي، ملڪ کي بهتر مستقبل ڏانهن وڌائڻ گهرجي.