پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن لاءِ پاڪستاني پلاٽينم رانديگرن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
پي ايس ايل انتظاميا ۽ فرنچائز جي نمائندن وچ ۾ پليئر ڪيٽيگريز تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پاڪستاني پلاٽينم رانديگرن جي حتمي نالن جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور قلندرز شاهين شاهه آفريدي، فخر زمان ۽ حارث رئوف کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ برقرار رکندي.
پشاور زلمي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ بابر اعظم ۽ صائم ايوب کي شامل ڪندو.
پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو واحد رانديگر محمد عامر هوندو.
اسلام آباد يونائيٽيڊ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي شامل ڪندو.
ڪراچي ڪنگز جو پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڪو به رانديگر نه هوندو.
پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ملتان سلطانز ۾ محمد رضوان ۽ اسامہ مير شامل آهن.