حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته اسان ووٽ الف کي ڏيندا آهيون ۽ حڪومت ۾ ب اچي ويندو آهي.
مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري اوستہ محمد نصير آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته هينئر جيڪا حڪومت ٺاهي وئي آهي اها هلي ئي نه رهي آهي، بلڪه ڪوڙ تي ٻڌل آهي. ملڪ ۾ ماڻھن کي روزگار نٿا ڏين تہ گھٽ ۾ گھٽ عزت تہ ڏين..
پير پاڳاري چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. توهان جي ۽ منهنجي ووٽ سان نه حڪومت ٺهندي آهي نه ٽٽندي آهي.
هن چيو ته عزتدار ماڻهو سياست مان ٻاهر ٿي ويندا ته پوءِ ٺيڪيدار ملڪ هلائيندا. اسان کي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو. ٻوڏ هجي يا ٻيون آفتون، مدد لاءِ فوج ئي اچي ٿي.
مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن سڀ قانون موجب هلندا ته بهتر ٿيندو،اسان کي ته اڳ ئي خبر هئي ته گذريل 70 سالن کان ڪيئن اليڪشن ٿيندي رهي آهي. هن ڀيري عالمي سطح تي به خبر پئجي وئي آهي ته اليڪشن ڪيئن ٿينديون آهن.
پير پاڳاري چيو ته جتي بہ ويو آھيان اتي پاڻي جو مسئلو آهي. ماڻهن جو حال ڏسي افسوس ٿيو. اهڙا به علائقا آهن جتي پيئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ پاڻي ناهي. جيڪڏهن صدر زرداري ڪئنالن لاءِ اين او سي ڏنو آهي ته اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.
فنڪشنل ليگ جي سربراهه چيو ته ٻوڏ ۾ سڀ پريشان هوندا آهن ته بند نه ٽٽي وڃي. جڏهن ته ٻوڏ جي موسم ۾ ماڻهو پاڻي لاءِ وڙهي رهيا هئا. پوءِ ڇا حال ٿيندو؟ سنڌ کي پاڻي ملندو ته بلوچستان ڏانهن بہ ايندو.