ويھين آڪٽوبر 2024 تي، ديني مدرسن جي رجسٽريشن بابت سينيٽ ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ هيٺين شقون شامل ڪيون ويون آهن.
بل جو نالو سوسائيٽيز رجسٽريشن ترميمي ايڪٽ 2024ع رکيو ويو.
بل جون خاص شقون:
شق 1: شق 21 جي تبديلي ۽ نئين شق شامل ڪرڻ
1860 جي ايڪٽ جي شق 21 ۾ تبديلي ڪندي “ديني مدرسن جي رجسٽريشن” نالي هڪ نئين شق شامل ڪئي وئي آهي.
هن شق ۾ چيو ويو آهي ته هر ديني مدرسو، جنهن کي ڪنهن به نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان جي رجسٽريشن لازمي هوندي، ۽ رجسٽريشن کان سواءِ مدرسو بند ڪيو ويندو.
شق 2: رجسٽريشن جي مدت
• اهي ديني مدارس، جيڪي ايڪٽ 2024 ع “سوسائٽيز رجسٽريشن جي نفاذ کان اڳ قائم ٿيا آهن ۽ رجسٽرڊ نه آهن، انهن کي 6 مهينن جي اندر رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي.
• اهي مدرسا، جيڪي هن بل جي نفاذ کان پوءِ قائم ٿيندا، انهن کي 1 سال اندر رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي.
• بل ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ ڪيمپس تي مشتمل ديني مدرسي کي صرف هڪ ڀيرو رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي.
شق 3: سالياني رپورٽ
هر مدرسو پنهنجي سالياني تعليمي سرگرمين جي رپورٽ رجسٽرار کي جمع ڪرائڻ جو پابند هوندو.
شق 4: مالي آڊٽ
هر مدرسو مالي حساب ڪتاب جي آڊٽ ڪرائڻ جو پابند هوندو. آڊٽ کان پوءِ، آڊٽ رپورٽ جي ڪاپي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ گهرجي.
شق 5: لٽريچر تي پابندي
ڪنهن به ديني مدرس کي اهڙو مواد پڙهائڻ يا شايع ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، جيڪو عسڪريت پسندي، فرقيواريت، يا مذهبي نفرت کي هٿي ڏئي.
تنهن هوندي به، مختلف مذهبن يا فڪر جي تقابلي مطالعي، قرآن ۽ سنت يا اسلامي فقهه جي مطالعي جي اجازت هوندي.
شق 6: عصري مضمونن جي شموليت
هر مدرسو پنهنجي وسيلن جي حساب سان عصري مضمونن کي پنهنجي نصاب ۾ مرحليوار شامل ڪرڻ جو پابند هوندو.
شق 7: رجسٽريشن لاءِ هڪ واحد قانون
هن ايڪٽ تحت، ديني مدارس جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به مدرس کي موجوده نافذ قانون تحت ٻي رجسٽريشن جي ضرورت نه هوندي.
هن شق ۾ ديني مدرس مان مراد اهي مذهبي ادارا يا جامع دارالعلوم آهن، جن کي ديني تعليم جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، يا ڪنهن ٻئي نالي سان سڏيا ويندڙ ادارا.
شق 8: ٻيهر رجسٽريشن جي ضرورت نه هوندي
هن ايڪٽ تحت هڪ ڀيرو رجسٽر ٿيڻ کان پوءِ، ڪنهن به ديني مدرس کي ٻيهر ڪنهن ٻئي قانون تحت رجسٽريشن جي ضرورت نه هوندي.
(ڊان نيوز جي ٿورن سان)