تحريڪ انصاف سان ڳالھين لاءِ حڪومتي ڪميٽي قائم ، بيرسٽر گوھر ڪميٽي لاءِ ڪنھن کي منٿ ڪئي؟

وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي مشتمل ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، رانا ثناءُ الله خان، سينيٽر عرفان صديقي، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽ چوڌري سالڪ حسين شامل آهن.
گذريل رات تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. بيرسٽر گوهر تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي آڇ تي زور ڏنو هو.
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز کي قبول ڪندي حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ۽ اها اميد ظاهر ڪئي آهي ته ملڪ جي سلامتي ۽ قومي مفاد کي اڳيان رکيو ويندو.
شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوشش کي ساراهيان ٿو.

پنھنجي راءِ لکو