وفاقي حڪومت جي رائٽ سائزنگ ڪميٽي وزارتن ۾ 30 سيڪڙو جايون گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي،اھي سفارشون وزارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، وزارت تجارت، وزارت هائوسنگ ۽ ورڪس سان لاڳاپيل آهن. پڌرائي موجب، وزارت قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائزنگ بابت پڻ سفارشات پيش ڪيون ويون.
ڪميٽي وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل طور بند ڪرڻ ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ اسٽاف جي پوسٽن کي 30 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي، سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جي اميد آهي، ڪابينا ميمبرن انھن سفارشن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪابينا جي راءِ جي روشني ۾ وزارتن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو، سفارشن ۽ عملدرآمد جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه کي وزير داخلہ محسن نقوي پاراچنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاراچنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، وفاقي ۽ خيبر پختونخوا حڪومتون گڏجي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن، پاراچنار کان مريضن کي ٻين شهرن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي هيليڪاپٽر کي مخصوص ڪيو ويو آهي، ۽ سڀني اسپتالن ۾ ضروري دوائون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويو آهي.